”ملڪ جا سمورا شهري ڄاڻن ٿا ته 12 مئي تي جيڪو قتل عام ڪيو ويو هيو اها ڪهڙي ڌر جي ڪارگذاري هئي، 9 اپريل تي جيئري جن وڪيلن کي ساڙي جلائي ڇڏيو هيو اهي به اهي ئي ساڳيا آهن، ۽ هاڻي تازو ڪراچي۽ جي پرامن فضا کي بگاڙي 30 کان مٿي ماڻهون اجل جو شڪار ڪرڻ وارا به اهي ئي آهن“
اهو ڪو منهنجو بيان ناهي پر تازو وزيراعظم جيڪي اعلى سطحي گڏجاڻيون سنڌ جي اعلى سطحي عملدارن ۽ سياستدانن سان ڪيون آهن، انهن ۾ سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل ( آ..جي..)
سي سي پي او ڪراچي ۽ ٻين وزيراعظم کي حقيقتن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اهي سمورا ڪم حڪومتي اتحادي متحده قومي مومينٽ عرف عام ايم ڪيو ايم وارن جا ڪارناما آهن. جن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر کي پنهنجي دهشت گردي وسيلي يرغمال ڪري رکيو آهي. انهن گڏجاڻين ۾ وائکو ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم روائتي نموني پنهنجو پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪندي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪري مٿي ٻڌايل عملدارن جي بدلي۽ جو مطالبو ڪيو آهي.
اسان سڀئي حقيقتن جي ظاهر ٿيڻ تي مطالبو ٿا ڪريون ته جن به اهي ڪلور ڪيا هيا انهن کي ملڪي قانون تحت قانوني وڪڙ ۾ آندو وڃي ۽ ڪنهن به جرئت مند عملدار (عملدارن) جي بدلي ڪرڻ معنى سنڌ جي ڪنڌ تي ڪاتي ڦيرائڻ هوندو. اسان سڀني کي اهو مطالبو ڪرڻ گھرجي ته معصوم ماڻهن جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪا رعائت نه ملڻ گھرجي.


