Sadda-E-Sindh

Serving Human Race

Archive for the ‘Poetry’ Category

Sindhis ( Orphans in Karachi ) – Isahq Tunio

Posted by Uzair on June 8, 2009

I feel sense of deprivation, isolation and helplessness in Sindh and no legal protection to Sindhi families in Karachi from federal and Sindh governments. I watched KTN and Sindh TV news and shocked to watch the video of Mehran Town Killings in Karachi . In armed attack on Sindhi villagers by MQM terrorist (city community police / known terrorists and town nazim ) two people have been killed , hundreds of families have been displaced relatives were unable to collect the bodies for 6 hours due to continuous firing . Police and Rangers are not taking any action . Police raided houses of Sindhis in different villages and took licensed / legal weapons from them.

If constitutional rights to Sindhi people ( who voted for PPP and PPP came to power only because of Sindhi voters ) are not given this time then when ? I dont think that PPP or Sindhi people  will get mandate like this in near future.

Isahq Tunio

ڀلي قرب جا هٿ وڌايو وڌايو
ڀلي پٽڪا پنهجا مٽايو مٽايو
ڀلي جيءاي قاتل جا نعرا لگايو
ڀلي ستن پيڙهين جا رشتا نڀايو
ٻَچا ٻِمُنهين جا ڀلي پيا نپايو
ڀلي قوم کي پيا ڏنگايو ڏنگايو
ڀلي قرب جا هٿ وڌايو وڌايو

مداري مڪاري ڏوهاري ڀِڪاري
هريڙون وجهي ور ۾ ٿيا سڀ پساري
اسان سڀ مءلن جا ٿياسي پوڄاري
اسان جيءري ماڻهن مٿان باه ٻاري
ڀلي ووٽ قبرن کي ڏٽي (ڏ اي ) سڀ وڃايو
حقن جي وٺڻ لي وضيفا پڙهايو
ڀلي قرب جا هٿ وڌايو وڌايو

ڀلي قرب جا هٿ وڌايو وڌايو


Posted in News, Poetry | Leave a Comment »

سائين فهيم عياسيءَ جي تازي صورتحال تي ڪيل شاعري

Posted by Uzair on May 25, 2009

ڌاريا گهڙيا گهر ۾ ، جاڳ جاڳايو جڳ

مهمانوازي مارائي ، ڪري ويڳاڻو وڳ

گهرن وچ ويهاري ، پاليا پالتو ٺڳ

ڌڪيو ڌارئي دڳ، سنجهي بچايو سنڌ کي

ڌارين ديس يلغار ، سوڙ ستل سوچ

واهڻ وسندين واڙيندي،نڪ سنگهي نوچ

هتڙي هتڙي هر گهڙي ، تاڙي تاڙي موچ

لک لک دفعا لوچ ،قوم اسان جي قهر ٿيو

ڌارين ديس يلغار ، سائين سبيل چپ

آڌڀاءُ انڌي جيان ، گهڙي گچڻ گپ

سبق نه سکيو صديءَ ۾،پالي ڍونڍن ڌپ

سندس لا لپ ، ٻچن به ٻوڙي وجهي

Posted in Poetry | Leave a Comment »

Sadda – Shaikh Ayaz

Posted by Uzair on May 5, 2009

{Sent by: ABDUL LATEEF ANSARI}

Posted in Poetry | Tagged: | Leave a Comment »

Poetry of Farzana Khan Naina

Posted by Uzair on April 30, 2009

image002

 

image003

image004

 

image005

 

image006

image007

image008

image009

Posted in Poetry | Tagged: | Leave a Comment »

شاعر هر دور جا ترجمان هوندا آهن – انٽرويو: رضا آڪاش خاناڻي

Posted by Uzair on April 30, 2009

سوال:- شاعري ڇا آهي؟

جواب:- سوال ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ته ائين ٿيو جيئن ڪو درياءَ کان پڇي ته لهرون ڇا آهن؟ بهرحال، آئون سمجهان ٿو ته مختصر ۽ ٿورن لفظن ۾ تمام اعليٰ ۽ عظيم خيالن جي اعليٰ اظهار کي شاعري چئبو آهي. هڪ شاعر شاعري جي روپ ۾ پنهنجا خيال انتهائي اعليِٰ ترين انداز ۾ پيش ڪندو آهي. شاعر هر نئين پراڻي دؤر جا ترجمان هوندا آهن. شاعري اهڙي شيءَ آهي جيڪا هڪدم ماڻهوءَ جي روح ۾ لهي وڃي ٿي ۽ ان کانسواءِ شاعري تبديلي جو به نالو آهي.

سوال:- هڪ شاعر بهترين نثر به لکي سگهي ٿو، پر توهان شاعريءَ کي ئي ترجيح ڇو ڏني!؟

جواب:- ائين ڪونهي. مون نثر به لکيو آهي. خاص طور تي پوليٽيڪل اشوز تي نثر لکيو اٿم. باقي هڪ شاعر لاءِ دانشور هجڻ ضروري ناهي، ڀٽائي، سچل سرمست، سانوڻ فقير، بلهي شاهه يا ٻيا جيڪي وڏا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ جن لازوال شاعري ڪئي، اهي سڀ نثر نويس نه هئا. مون کي نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري سٺي لڳندي آهي. ڇو ته شاعري هڪ ديرپا، پراثر ۽ جٽادار شيءَ آهي. ان ڪري مون هميشه شاعري کي ئي ترجيح ڏني آهي.

سوال:- توهان جي شاعري ۾ توهان جي خيال ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي؟ جنهن هڪڙي طرف نه رڳو توهان کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو، پر گڏوگڏ توهان کي ٻئي طرف الڳ ۽ انفرادي سڃاڻپ به ڏياري؟

جواب:- منهنجي خيال ۾ انهيءَ سوال جو بهترين جواب منهنجا پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا. باقي مون کي خبر ناهي ته منهنجي شاعري جي ڪهڙي خوبي آهي. مون هميشه شاعري لاءِ عام ماڻهو ٿي سوچيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هر طبقي جو ماڻهو مون کي دل سان پڙهندو آهي.

سوال:- هڪ شاعر تي ڪهڙيون قومي ذميواريون عائد ٿين ٿيون؟ توهان انهن ذميوارين کي ڪيترو خوش اصلوبي سان نڀايو آهي؟

جواب:- آئون نه ٿو سمجهان ته شاعر تي رڳو قومي ذميواريون ئي عائد نه ٿيون ٿين. پر منهنجي خيال ۾ گڏوگڏ شاعر تي انسانيت جون ذميواريون به عائد ٿين ٿيون. جن کي لازمي طور تي هر شاعر کي نڀائڻ گهرجي. شاعر لاءِ اهو لازمي آهي ته هُو پنهنجي وطن سان سچو هجي، پر ان سان گڏ کيس سڄي انسانيت جو خيال هجي. فلسطين ۾، يورپ، عراق ۾، افغانستان ۾ يا دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ جيڪڏهن ڪا انسانيت جي خلاف ورزي ٿئي ٿي، ڪٿي به ڪو ظلم ٿئي ٿو، انياءُ ٿئي ٿو ته شاعر ان کي ضرور محسوس ڪري. باقي مون ته ڪڏهن به پاڻ کي هڪ جاءِ يا هڪ ملڪ تائين محدود ناهي رکيو. آئون ته هميشه پاڻ کي سڄي دنيا جو فرد سمجهندو آهيان ۽ سڄي دنيا جي انسانيت لاءِ ئي سوچيندو آهيان.

سوال:- توهان مٽي ۽ مٺي مان ڪنهن کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي؟

جواب:- ماڻهو ڪنهن خاص فريم ورڪ ۾ ته رهي ئي نه ٿو، سو منهنجي شاعري ۾ رڳو مٽي ۽ مٺي ناهي. منهنجي شاعري جا ٻيا به کوڙ پاسا آهن، ٻيون به الاهي شيون آهن. عالمگيريت، فطرت ۽ انسانيت جو عنصر به منهنجي شاعري ۾ موجود آهي. ايسٽ جي شاعري ويسٽ ۾ پڙهي ئي ڪانه ٿي وڃي. واشنگٽن يونيورسٽي ۾ مون جڏهن پنهنجي نظم ”يورپ ڪيڏو ننڍو آهي“ بابت ليڪچر ڏنو ته اهي ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ کين اهو سوچي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ايسٽ ۾ ڪو ماڻهو اسان لاءِ اهو به سوچين ٿا. بهرحال، مون کي پنهنجي شاعري جي باري ۾ ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. باقي منهنجي شاعري جي باري ۾ ذاتي راءِ هي آهي ته شاعري ماڻهن لاءِ هجي، شاعري ماڻهن سان هجي، ۽ شاعري هر حوالي سان ماڻهن سان ئي لاڳاپيل هجي.

سوال:- اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ مزاحمت ناهي رهي، ان جا توهان جي نظر ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

جواب:- هن وقت اسان جي ادب ۾ خاص طور تي ڪهاڻي ۽ ناول ۾ اها Growthناهي، جيڪا هئڻ کپي. اسان جي ادب ۾ وسعت ناهي رهي، بلڪه اهو محدود ٿي ويو آهي. ان جو خاص ڪارڻ اهو آهي جو هتي مطالعي جو ڏڪار آهي، ان ڪري هن وقت ضرور ان ڳالهه جي آهي ته ڳوڙهو مطالعو ڪيو وڃي، عالمي شاعري ۽ عالمي ادب کي پڙهيو وڃي ۽ پوءِ عالمي ادب جهڙو ادب تخليق ڪيو وڃي. يقينن بهترين ادب کانسواءِ مزاحمت آهي ئي ڪونهي ۽ هتي اها به ڳالهه چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڳالهه رڳو ادب جي ئي ناهي، پر هتي هر شعبي ۾ اعليٰ سوچ ۽ اعليٰ ذهنن جي ضرورت آهي. ڇو ته اسان جي سياست ۽ ادب سميت هر شعبي ۾ سواءِ ڦوڪن جي ٻي ڪا ڳالهه ئي ناهي رهي. ڪنهن به شعبي ۾ محنت، جدوجهد، مشاهدو، مطالعو، ڳولا، جاکوڙ ۽ پرک رهي ئي ناهي سو اهڙي صورتحال ۾ ڀلا ڪهڙي ترقي جي هام هڻي سگهون ٿا!؟

سوال:- هڪ سٺي شاعر جو توهان جي ذهن ۾ ڪهڙو خاڪو آهي؟

جواب:- هڪ سٺي شاعر جو منهنجي ذهن ۾ ته ڪوبه خاڪو ناهي. هونئن به ڪنهن سٺي شاعر لاءِ ڪو خاص سانچو ناهي هوندو، جنهن ۾ هن کي گهڙيو وڃي. ها باقي هڪ سٺي شاعر لاءِ عالمگير سوچ هئڻ گهرجي، فطرت سان انس، انسانيت جو عشق، قومي غيرت، وسيع مطالعو ۽ مشاهدو سٺي شاعري ڪرائيندو آهي- ها، باقي ڪنهن شاعر تي الهامي جي ڇاپ هڻڻ، منهنجي خيال ۾ ان شاعر جي وڏي ۾ وڏي توهين آهي. ڇاڪاڻ ته الهامي هجڻ جو مطلب آهي ته ان شاعر جي ڪا ذاتي حيثيت ناهي. بلڪه ڪا لڪل سگهه آهي، جيڪا هن کان شاعري ڪرائي ٿي. تنهن ڪري ڪنهن به شاعر تي الهامي شاعر جي ڇاپ هڻي ان سان ويساهه گهاتي ۽ توهين وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

سوال:- سنڌي ادبي سنگت جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم چئي ٿي وڃي، اها هن وقت توهان جي خيال ۾ پنهنجو حقيقي ڪم صحيح معنيٰ ۾ ڪري رهي آهي؟

جواب:- الائي ڪنهن اهو مفروضو ٺاهيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي. حقيقت ۾ ائين ڪونهي. توهان ڏسو، جنهن تنظيم جي ڪا آفيس ئي ڪانهي، سا ڀلا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم ڪيئن ٿي ٿي سگهي!؟ ماضي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سنڌ، ٻولي ۽ ادب لاءِ ڏاڍو سٺو ڪردار رهيو آهي، پر هاڻي ادبي سنگت پنهنجو معيار وڃائي ويٺي آهي. خاص ڪري ادبي سنگت ۾ جڏهن کان اديب گهٽ سياسي ورڪر گهڻا شامل ٿيا آهن، تڏهن کان ادبي سنگت تباهه آهي.

سوال:- هڪ اديب قلم ذريعي به پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار ۽ ڌرتي واسين جي خدمت ڪري سگهي ٿو، مگر توهان ادب کي ڇڏي سياست ۽ پوءِ سماجي دنيا يعني اين جي اوز جي طرف هليا آيا انهيءَ جا ڪي خاص ڪارڻ…….!؟

جواب:- نه ان جا ڪي خاص سبب ناهن. سياست کي زندگي جا 15 قيمتي سال ڏنا. پر جڏهن ڏٺوسين ته ڪو خاص فرق نه پيو ته گس ٿورو بدلايوسين. ائين ئي صحافت طرف هليو ويس ۽ سوال اخبار وڃي ڪڍيم ڇو ته اسان ماڻهن سان گڏجي رهڻ ضروري هو. مون هميشه اهوئي سوچيو آهي ته هميشه ماڻهن سان گڏ رهان. پوءِ اخبار بند ٿي وئي. جنهن کانپوءِ سماجي پليٽ فارم تان علائقي جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان. منهنجو اهو ايمان آهي ته سماجي تنظيمون ۽ اين جي اوز ماڻهن کي سڀ ڪجهه ته نه ٿيون ڏيئي سگهن، پر انهن ذريعي ايترو ضرور آهي ته اسان ماڻهن کي سماجي ۽ سياسي شعور ڏنو آهي ۽ ماڻهن کي منظم ڪيو آهي، جيڪي هاڻي آواز به اٿارين پيا.

سوال:- هڪ سماج سڌارڪ هئڻ جي ناتي اوهان جي خيال ۾ هن وقت سنڌ جون سماجي حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن؟

جواب:- پهرين ڳالهه اها ته آئون سماج سڌارڪ ناهيان. باقي جيڪا مون ۾ پهچ آهي، ان تحت پاڙي ۽ سنڌ جي خدمت ڪيان پيو. اسان جو هي سماج هڪ هيبتناڪ آڙاهه ۾ پيل آهي، سنڌ جو تاڃي پيٽو تباهه آهي. پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت نه ٿيڻ سبب بيروزگاري وڌي وئي آهي. تعليم تباهه ٿي چڪي آهي ۽ جيستائين ڪو سياسي گس نه ملندو تيستائين ڪجهه به ناهي. اڄڪلهه سنڌ دوزخ بڻيل آهي. اسان جا وسيلا اسان کان هليا ويا آهن، ڌاريا اسان تي قابض آهن. سو هاڻي اسان وٽ سواءِ جدوجهد جي ٻيو ڪوبه آپشن ناهي.

Posted in Poetry | Leave a Comment »

 
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.