Sadda-E-Sindh

Serving Human Race

Archive for June 30th, 2009

سنڌ جي جذبن جو احترام ڪير ڪندو؟ – امر سنڌو

Posted by Uzair on June 30, 2009

هڪڙي نوڪر سان، هو جيڪو دبئي جي ٻن بيڊ رومس واري اپارٽمينٽ ۾ اڪيلائپ جي عذاب ۾ سڙي رهيو آهي، ڪنهن کي نه وسارڻ کپي ته ڪالهه ان شخص وٽ به سنڌ جي حڪمراني هئي، هو ڪالهوڪي سنڌ جو حڪمران هو، اڄ جيڪو روح ساڙيندڙ ان اڪيلائپ جي علاج لاءِ پنهنجا ڏينهن رات ڳڻي رهيو آهي. ان جيستائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي، سنڌ جي جذبات جي توهين لاءِ پنهنجي زبان سدائين ڇوٽ رکي. تخت حڪمراني جي هينگ اوور ۾ هن سنڌ جي رهواسين، سنڌ جي حقيقي مالڪن جي زخمن تي خوب نمڪ پاشي ڪئي. سنڌ جو درٻاري اديب کيس ڏينهن ۾ سئو سلاميون ڏيندي کيس شاهه لطيف جو جکرو سڏيندو رهيو. جيستائين هو حڪمران رهيو، عوام جي هجومن کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي اختيار ۽ اقتدار جي چائنٺ تي سئو ڀيرا سجده ريزي ڪندي ڏسندو رهيو. ان تخت، ان دور حڪمراني، ان اعليٰ مقام جو پنهنجو نشو، پنهنجو ذائقو ٿيندو آهي. هن پنهنجي سيڪيورٽي قافلي جي وچ ۾ پنهنجي گاڏي جي ڇڏيل ڌوڙ ۾ گهڻن جو ئي نفس پتو ٻوڙي ڊوڙندڙ خلق جو منهن ڌوڙ ڪيو هوندو. اقتدار جي اختيار ڪل جي مالڪ ٿيڻ تي جنهن جي زبان لمحي لمحي ڏنگيو ٿي، اهو جنهن ڏينهن پنهنجي عهدي تان سبڪڊوش ٿيو، ٺيڪ ان ڏينهن، عوامي غصي ۽ جلال سندس دور اقتدار جا ليکا چوکا پاڻ سڌا ڪيا. اقتدار ۾ سئو سليوٽن ۽ سجده ريزن تي هريل ان ڪالهوڪي حڪمران کي ان ڏينهن ڪير بچائڻ وارو به مشڪل سان پنهنجا هٿ وچ ۾ وجهڻ لاءِ تيار هو، جنهن ڏينهن عوامي برگيڊ سندس ڪڍ لڳندي، اسيمبلي فلور تائين وڃي پڳي هئي.

ڪنهن کان الائي به ڇو دادو جو ويٽنام ٿيڻ وسري ٿو، جڏهن دادو ۾ ضياءِ جي سرڪاري پروٽوڪول ۾ هلندڙ گاڏي مٿان اتان جي عورتن ڪجهه نٿي ڪيو، بس ڇيڻا ۽ مٽي جا ٻڪ پي وسايا. رڳو ضياءَ کي آڱوٺو ڏيکاريندي دادو وارن احتجاج ۾ پنهنجا لٽا لاهي انگ نه ڏيکاريا هئا، پر اهو لقاءُ گذريل دور ۾ دادو جي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي حصي ۾ به آيو هو. اهو عوام جو احتجاج هو، اهو Mob جو پنهنجو انصاف ڪرڻ جو طريقو هو. اهو غصو هو، ڪاوڙ هئي، باهه هئي، پنهنجي توهين جو حساب هو. ڀلا ڪنهن ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جڏهن به پيپلز پارٽي جي حڪومت کي غير جمهوري، غير آئيني، طريقي سان ڪيرايو ويندو آهي، تڏهن ٻين صوبن ۾ ته کڻي مٺايون ورهايون وينديون هجن، پر سنڌ ۾ ڪو وڏو احتجاج  ته پري، پر شٽربند به نه ٿيندو آهي. غير جمهوري طريقي سان حڪومت جي خاتمي تي وات ٽڪاڻي وارا تبصرا پنهنجي جاءِ تي، پر ائين باهه ٻرندي توهان کي ڪڏهن به نه نظر آئي هوندي، جيئن پنجاب ۾ گورنر راڄ جي لاڳو ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي حڪومت جي خاتمي واري اعلان تي پنجاب جي گادي عوامي احتجاج سان ائين ٻرندي نظر آئي، جو ڪي ڏينهن احتجاج جا ڪاٽي کيس ٻيهر گديءَ تي ويهاريو ويو.

هنن يقينن محترمه سان سنڌي عوام جي اڻ شرطيه محبت جي پوکي کاڌي آهي. پيپلز پارٽي بيشڪ ته ڪڏهن به پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمراني جا ڪي اعليٰ مثال قائم ڪرڻ ۾ انتهائي بري طريقي سان ناڪام رهي آهي، پر حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي جي قوت اها حڪمراني واري سگهه نه، پر ان جي سگهه عوام آهي. اها عوامي سگهه ئي آهي، جيڪا حڪمران پنهنجي اقتدار لاءِ سيڙهي طور سدائين استعمال ۾ آڻيندا رهيا آهن. اها عوامي سگهه ئي آهي، جيڪا هر دور ۾ پيپلز پارٽي جي ٽاپ ليڊرشپ بلينڪ چيڪ طور استعمال ڪئي آهي. هن ڀيري مامرو مٽيل آهي، هن ڀيرو هي قصو ٻئي طريقي سان انت پڄاڻي کي پهچڻو آهي. هن ڀيري پيپلز پارٽي وٽ نه اها ليڊرشپ آهي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ هجن، نه ئي هن ڀيري وٽن ڪو حڪمراني جو اعليٰ ڪارڪردگي جو پروفائيل سنڌ ۾ جڙي سگهيو آهي. اڳ جي ابتڙ هن ڀيري پنهنجي قائد جي خون جي خراج کانپوءِ پارٽي ماضي جيان مزاحمتي مورچي جي واڳ سنڀالڻ بجاءِ سڌو خون جي لڪير پويان ان ئي اقتدار تي ويهاري ويئي آهي، جنهن مان رڳو سنڌڙي کي ئي جوکو نه پهتوآهي، پر پيپلز پارٽي جي عوامي سگهه تي نشانا به اتان ئي سڌا ٿيا آهن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي پاڙ پٽڻ جا اونداهي رات وارا راتاها به اتان ئي Approval بعد هاڻي اڳتي وڌيا آهن، ته ڏينهن ڏٺي جو ”سنڌ مخالف ايجنڊائون“ به اتان ئي سدا گردش ۾ رهيون آهن. سوال آهي ته عوامي نمائندي کي، عوامي قيادت کي صدارتي محل ۾ هجڻ کپي ها، يا عوام جي وچ ۾ سندس موجودگي وڌيڪ اهم هئي؟

سنڌ ۾ حڪمراني جو طريقيڪار ڪو اٺاسي کان گهڻو مختلف نه آهي، پر هي اٺاسي وارو دور بنهه ناهي، هن دور جا پنهنجا داخلي ۽ خارجي مسئلا آهن. ٻاهرين ميڊيا جي واويلا موجب هيءُ دور نين سرحدن ٺهڻ جو هجي نه هجي، پر يقيني طور تي سرحدن جي بقاءَ واري مسئلي جو دور ضرور آهي، تاريخي شناخت جي بقاءَ مسئلي جو دور يقينن آهي. هيءُ نهايت خبرداري سان، خبردار رهڻ جو وقت آهي، جذباتي نعرن ۽ اٻهرائپ واري جوش جو دور نه آهي. ڏسڻو آهي، پرکڻو آهي، ته هن وقت ۾ سنڌ جا حڪمران ڪٿي ۽ ڪنهن سان بيٺل آهن. حڪمراني ڪندڙ سنڌ جي موقعي پرست سياسي وڏيرن جو اڄوڪي صورتحال ۾ ڪهڙو ٿو ڪردار ٺهي؟ اڄ جا اختيار ڌڻي هن وقت، هن دور حڪومت کي پنهنجو ”آخري وارو“ ڪري  استعمال ڪري رهيا آهن، آخري موقعو جنهن کانپوءِ حڪمراني ته پري، پر شايد کين عوام جي وچ ۾ ويهڻ جيتري جرئت به نه ٿئي. اڄوڪين اخبارن، اڄوڪي ميڊيا ۾ سندن ڏينهن رات جو رڪارڊ ائين شايع ٿي رهيو آهي، جو سنڌ جي شعور ۾ سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جي عوام ۾ سندن پارٽيءَ جي گراف کي الائي ڪيترو ڪيرائي چڪو آهي. کين سنڌ ۾ سندن ڪرندڙ گراف جو ڪو اونو هجي ته کين ان لاءِ ڪا وڏي انڪوائري به گهربل ناهي، سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيل آهي. هاڻ سنڌ کي ڪنهن واعدي، ڪنهن نعري ۽ ڪنهن وڏي قرباني جي ذڪر تي گهڻو جذباتي ڪري چپ ڪرائڻ ممڪن نه رهيو آهي. هاڻ گهڻي دير تائين سنڌ کي دلاسن جا دولاب ڏيئي ماٺ ڪرائڻ ممڪن نه رهيو آهي. ”حڪومت جا هٿ ٻڌل آهن“ اها ڳالهه کڻي اسلام آباد جي اعليٰ ايوانن تائين درست به مڃجي، پر هتي سنڌ ۾ ته ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري سگهجي ٿي. ڪراچي جي دهشتگردي سان کڻي نه پڄي سگهجي، پر باقي سنڌ جا بدامني جي باهه ۾ ٻري پئي، ان لاءِ انهن جا هٿ ڪنهن ٻڌا آهن؟ اتر سنڌ ۾ هڪ ضلعي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ پنجويهه پنجويهه ماڻهن جي اغوائن جون خبرون هاڻ ڪنهن کي گهڻو ڇرڪائين نٿيون. عورتن کي سياست ۾ موبلائيز ڪندڙ  پيپلز پارٽي جي دور ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي اخبار ۾ پنج عورتن جي ”ڪاريون“ ڪري مارجي وڃڻ جون خبرون عام هجن ته پوءِ ان مامري تي ماتم ڇو ڪجي؟؟

اها ئي پيپلز پارٽي هئي، جنهن وٽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ سان خاص طور تي روزگار جو واعدو ٿيل هو ۽ سنڌ حڪومت ڏيڍ سال ۾ ئي ڪي ٽيهه لک نوڪري جون درخواستون وصول ڪري چڪي آهي، پر نوڪري ڏيڻ واري واعدي وفائي ۾ حڪومت جي راهه ۾ ڪهڙا روڙا اٽڪيل آهن؟ ان جي لاءِ نيٺ به ڪنهن کان پڇجي، جو ڪيترن ئي وزيرن، مشيرن کي پنهنجن گهرڀاتين کي سڻڀين ڪرسين تائين پهچائڻ کان فرصت ڪونهي. سنڌ ۾ بدانتظامي پويان به جيڪا ڪهاڻي آهي، ان تي حڪومت هاڻ گهڻي دير تائين کارو نٿي وجهي سگهي ته لڳ ڀڳ هر بااختيار پوسٽ پوءِ اها پوليس کاتي جي آفيسرن جي هجي، ايريگيشن جي انجينئرن جي هجي، تعليمي ڪامورن جي هجي يا وري ضلعي جي عملداري جي هجي، ان لاءِ مبينا طور اڻ اعلانيه اگهه مقرر ٿيل آهي. خراب گورننس جا ٻيا ڀلا ڪهڙا پار ٿي سگهن ٿا. سنڌ يونيورسٽي پاران پرائمري استادن جي ٿيل تحريري امتحانن جي پرچي آئوٽ ٿيڻ جا ”جوابدار“ ائين غائب آهن ڄڻ ڪي فرشتا هجن. يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي تي حڪومت جو نه تعليمي وزير ڪو اکر ڪڇي سگهيو ۽ نه ئي وزير اعليٰ صاحب ان مامري کي جاچڻ جي ڪا زحمت گوارا ڪئي. اڃا به ٻڌجي پيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ناموس کي داغ لڳائيندڙن کي چوٿون دفعو مڙهڻ جا سانباها فقط ان ڪري ڪيا پيا وڃن جو اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ ان اسائنمينٽ ملڻ لاءِ ”ادائيگي“ جي وڏي آڇ ڏيندڙ آهن. هيءَ سنڌ ناهي، ڄڻ ته ڪنهن جي ڪا فتح ڪيل سلطنت آهي، جنهن ۾ غلط ڪم ڪندڙن جا پيرا نه کڻبا آهن، پر کين کارائڻ، پيارڻ ۽ ڏيتي ليتي عيوض ورهين تان مڙهي رکيو ويندو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سنڌ ۾ ڪيترن خاندانن جي گهر جي چلهه ٻارڻ جوبندوبست ٿيل آهي؟ پيپلز پارٽي جي حڪومت امن امان جي ڏس ۾ ڪيتري بهتري آندي؟ ڪيترن بيروزگارن کي نوڪرين سان نوازيو ويو آهي؟ ڪهڙن ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن جا نوان پراجيڪٽ آندا ويا آهن؟ سنڌ حڪومت تعليم جي ڏس ۾ ڪيترا انقلابي قدم کنيا آهن؟ ڇا ڪير انهن سوالن لاءِ بريفنگ ڏيڻ پسند ڪندو؟

ڪير کڻي وضاحت نه به ڪري، ته به پڌرو آهي ته سنڌ سموري جي بجيٽ ۾ ڪراچي جو ڪيترو حصو آهي؟ صدر صاحب سنڌ جي دوري لاءِ اسهي ٿو ته رڳو 22 ارب رپيا ڪراچي جي تزئين ۽ آسائش لاءِ ڏيڻ جو اعلان ٿو ڪري. ڪراچي ۽ باقي سنڌ جي بجيٽ ۾ جيڪو فرق آهي. مفاهمت جي پاليسي، شايد اقتدار ڏانهن ڪا سيڙهي هئي، جنهن وسيلي انهن سان هٿ ملايو ويو آهي، جن جون آستيون جمهوريت جي شهيدن رت ۾ اڃا ڳاڙهيون ئي هيون. مفاهمت انهن سان به ٿي، جن کين سوگهو ڪري ايئن جيل ياترائون ڪرايون، جو ٻيو ته ٺهيو پر کين پنهنجي جگر گوشن کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو هو. ها، دوستي جو هٿ انهن ڏانهن به وڌايو ويو، جن محترمه جي سياسي راهه تي وک وک تي ڪوڙڪي وڇائي هئي. مفاهمت جي پاليسي ۾ سڀ اڇا اجرا ٿي نڪتا، پر جيڪڏهن نه وڌي ته سندن وک اوڏانهن نه وڌي، جن جي سياست سنڌ سان لاڳاپيل هئي. هو الائي به ڇو محترمه جي ان ابتدا کي وساري چڪا، جيڪا هن دبئي ڪانفرنس ۾ سنڌ پرست قيدين جا نانءَ کڻندي، انهن جي آزادي جي گهر هڪ آمر کان ڪئي. هو خير بخش مري جي تڏي تي گهڻا دفعا هلي ويئي هئي، هن گل محمد جکراڻي کي پنهنجي جمهوريت واري قافلي جو شريڪ بڻايو هو ته سنڌ کي اطمينان ٿيو هو، کين پڪ ٿي هئي ته هن ڀيري اها قيادت سندن وارثي ڪندي، هنن سچ پچ ته پنهنجو پاڻ، ۽ سنڌ جي تقدير محترمه کي ائين سونپي هئي جو کين لڳو هو، هاڻ اها قيادت کين ائين گڏ کڻندي، جيئن ڪير جنگ جي آخري معرڪي تي هلڻ وقت ڳولهي ڳولهي پنهنجا ساٿي پڪاريندو آهي. بينظير بيشڪ ته چئن صوبن جي زنجيرن جي علامت جو اميج رکندڙ هئي، پر اها به حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس هميشه سنڌ جي کاتي ۾ ئي رکيو. سندس مفاهمت جي معنيٰ شايد اها نه هجي ها، جيڪا اڄ آهي. مفاهمت جي معنيٰ يقينن اسٽيبلشمينٽ جي ان معنيٰ کان مختلف هجي ها، جنهن ۾ طالبان جي حقيقي ويڙهاڪ گروهن لاءِ ڳالهين جا دروازا ته کليل هجن، پر پارليامينٽ ۾ ويٺل بلوچ قيادت سان ڳالهائڻ ۽ ڳالهيون طئي ڪرڻ کي بغاوت ليکجي. جيڪا سنڌ ۾ چوويهه ڪلاڪن ۾ چاليهه لاش ڪيرائڻ کي ته سياسي معاملو سمجهي، پر قانوني دائرن ۾ رهي هڙتال ۽ احتجاج تي سڌيون گوليون هلائي، فائر کولڻ جا حڪم جاري ڪري.

هيءَ مضمون هينگ اوور جي شڪار ڀوتارن لاءِ نه آهي، پر پيپلز پارٽي جو اهو انگ  اگهاڙو ڪارڪن، جنهن جو اکيون محترمه جي ذڪر سان آليون ٿين ٿيون، ان لاءِ آهي. پيپلز پارٽي جو اهو ڪارڪن، جيڪو پارٽي ميٽنگن ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ٻه اکر ڳالهائڻ تي پارٽي ڀوتارن، وزيرن، مشيرن پاران ڇڙٻيو ويندو هجي، جنهن جي دل اهڙي دور اقتدار ۾ رت روئيندي هجي، جيڪو لوڪ سامهون/پارٽي عهديدارن سامهون ڪڇي نه سگهندو. هيءُ مضمون ان لاءِ آهي. ڪو آهي، جيڪو اڄ سنڌ جي عوام ۽ پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي پيدا ٿيل وڇوٽي لاءِ پل ثابت ٿي سگهي. جيڪو قيادت کي اهو سمجهائي سگهي ته اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي کي  فقط تڏهن ئي اقتدار ۾ رکڻ تي مجبور هوندي، جيستائين کين سنڌ مان ٿيندڙ مزاحمت جو ڊپ هجي، پوءِ اهو اقتدار ارڙهن مهينا هلي يا سوا ٻه سال….مارچ ۾ مارچ ٿيڻ جا انڪشاف به شايد ان ڳالهه جي تصديق ڪن ته پيپلز پارٽي سنڌ مان پنهنجي عوامي حمايت جو اهو بنياد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو کيس اقتدار پير پختا ڪرڻ ۾ مدد  ڏيندو آهي. ”هن دفعي پيپلز پارٽي جي واپسي وقت سنڌ لاتعلق ئي رهندي.“ اها خبر شايد پيپلز پارٽي جي قيادت پهرين نواز شريف کي پئجي ويئي آهي، جنهن جا ڪارڪن مارچ ۾ اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف ٿا ڏسجن.

amarsindhu@yahoo.com

Posted in Articles | Leave a Comment »

پنهنجي ”محبوب“ جي ڪٺورتا جو شڪار ٿيل سنڌي عوام

Posted by Uzair on June 30, 2009

گذريل مهيني کان ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي عوام جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڇهه قومي ڪارڪن بي دردي سان شهيد ڪيا ويا آهن. پهريون سنڌ جا هاءِ ويز سفر لاءِ غير محفوظ سمجهيا ويندا هئا، پر هينئر پرامن جلسن ۽ جلوس به وڌيڪ غيرمحفوظ ٿي ويا آهن. سوال آهي ته سنڌي عوام جي پنهنجي حڪمراني

دوران هي دردناڪ واقعا ڇو پيش اچي رهيا آهن؟ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ يا ته سرڪار جي حڪمراني اثرائتي نه آهي، يا وري اها سڀ ڪجهه سمجهندي، جو اهڙن واقعن تي رواجي موقف اختيار ڪري طاقتور اسٽيبلشمينٽ سان جلد سهمت ٿيو وڃي. اها ساڳي پيپلز پارٽي آهي، جيڪا جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته پنهنجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي تشدد يا انهن جي شهادت تي سراپا احتجاج هوندي آهي ته هاڻي آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن، جو هو پنهنجي ئي صوبي جي عوام پاران قانوني حدن اندر ٿيندڙ رواجي احتجاج تي ٿيندڙ تشدد وارن واقعن کي روڪڻ کان قاصر آهي. ڇا پرامن احتجاج تي ٿيندڙ بي پناهه تشدد عام رواجي آهي؟

پ پ سرڪار جا وزير ۽ عهديدار هر احتجاج ۽ هڙتال کي جمهوري سرڪار ۽ جمهوريت خلاف سازش قرار ڏئي تشدد جي اصل سببن کي يا ته پاسيرو ڪن ٿا يا وري اهڙن احتجاجن واري حق کان ٻين سياسي ۽ قومي پارٽين کي محروم ڪرڻ لاءِ بيان جاري ڪن ٿا. ٻه دفعا پارٽي وفاداري تبديل ڪندڙ حيدرآباد جي هڪ عورت ايم پي اي جو چوڻ آهي ته جڏهن پ پ اقتدار ۾ ايندي آهي ته پوءِ قومپرست، دانشور ۽ ميڊيا ان خلاف برسر پيڪار ٿي ويندا آهن. شايد هن کي اها پروڙ آهي ئي ڪا نه ته ساڳي ميڊيا، دانشور ۽ اڪثر قومپرستن سان پ پ اتحاد ڪري آمريت خلاف جدوجهد ۾ برسر پيڪار هوندي آهي. ايم آر ڊي تحريڪ هجي يا اينٽي ٿل ڪينال ڪميٽي پ پ هميشه سنڌ ۾ پنهنجي ساک ۽ ووٽ وارو مفاد قائم رکڻ لاءِ انهن ئي قومي ڪارڪنن، دانشورن ۽ ميڊيا تي ڀاڙيندي آهي. خاص طور سنڌي ميڊيا، دانشور ۽ قومي ڪارڪن پ پ سان آمريت خلاف جدوجهد ۾ گڏ هوندا آهن، پر پ پ وري جڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان جي اک ۾ جيڪا نماڻائي ۽ محبوبيت جي ريکا هوندي آهي، اها بي وفا وانگر ڪٺورتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. قومپرست ڪارڪن، دانشور توڙي ميڊيا ان جي اهڙي ڪٺورتا ۽ بي وفائي تي حيران ۽ پريشان هوندا آهن، پر ان ڳالهه کي پرکڻ جي اشد ضرورت آهي ته سنڌين جي هن بي وفا محبوب جي ڪٺورتا ڄاڻي واڻي آهي يا هو ايترو نازڪ، اياڻو ۽ ريب ۾ اچڻ وارو آهي جو عمر (اسٽيبلشمينٽ) جي چنگل ۾ وڃي ماروي جي ابتڙ ڪريت ڪري ٿو

.

جڏهن سنڌي عوام ڪنهن لاءِ ”ماروي ملير“ جو نعرو هڻندو هو ته اها مهان هستي عمر جي ڪوٽن لاءِ هڪ چئلينج ثابت ٿيندي هئي. هن جي گجگوڙ سان ايوان لڏي ويندا هئا. علائقائي ۽ بين الاقوامي قوتون ٿرٿلي ۾ اچي وينديون هيون. ايتري تائين جو ان ماروي کي امان ۾ پنهنجي اباڻي وطن موڪلڻ بجاءِ شهيد ڪيو ويو. ڇا هاڻي اهي ئي مارو سڏائيندڙ وزير ۽ امير عمر جي ريب ۾ اچي ماروي جي اباڻن سان ٻه هٿ ڪري رهيا آهن! يا ته هو اهو چون ته اسان عمر جي قيد ۾ آهيون ۽ جيڪو ڪجهه چئي ۽ ڪري رهيا آهيون، اهو اسان کان چورايو ۽ ڪرايو پيو وڃي يا وري اهو چون ته اسين هوش حواس سان اهو چئي ۽ ڪري رهيا آهيون

.

منهنجي خيال ۾ پ پ سرڪار انهن ٻنهي ڳالهين کان پنهنجو پاند آجو ڪرڻ کان لاچار آهي ڇو ته هوءَ عمر (اسٽيبلشمينٽ) جي قيد ۾ آهي ۽ ان قيد کي لالچ ۽ لوڀ جي بنياد تي مارن جي ڀٽن ۽ پٽن کان بالاتر سمجهي ٿي، سنڌ جو عوام پنهنجي محبوب جي اهڙي ڪٺورتا تي حيران ۽ پريشان آهي، جيڪو اپوزيشن ۾ جڏهن پاڻ ناز نخرا ڪندو هو ته سندس سان سموري سنڌ گڏ هوندي هئي ۽ هاڻي جڏهن ساڳيا مارو سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي عمر ۽ سندس ساٿين جي روش خلاف سراپا احتجاج آهن ته هن محبوب جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري ۽ عمر جي ڪوٽ ۾ ويٺل اسان جا پنهنجا وزير وڏي واڪي سنڌي عوام جي قومي موقف ته ”ڌاريا سنڌ ۾ نه اچن“ خلاف سخت موقف رکيو اچن

.

هي ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏين دانهڙي

!

سنڌ راڻي جي شهادت تي سنڌي عوام کان ماتم جو حق کسڻ لاءِ جڏهن مشرف سرڪار ۽ ق ليگ جي پوئلڳن اٺ لک سنڌي عوام تي ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ته ساڳئي ميڊيا، دانشور ۽ قومپرست پ پ جي سوڳوار قيادت سان نئين ديري ۾ تڏي تي ويٺا هئا، جيڪو تڏو پ پ ته شايد کڻي ڇڏيو هجي، پر سنڌ جي قومي ڪارڪنن اڃان پنهنجي گهر مان نه کنيو آهي ۽ ڇو ته سنڌ راڻي جي محبت ۽ پ پ سرڪار جي ڪٺورتا سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ کي نئين جلا بخشي رهي آهي ۽ اها هاڻي گهرن کان ٻاهر نڪري روڊن تي آهي، جيڪا عمر ۽ ان جي حوارين کي پنهنجي ضمير ۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. پ پ سرڪار کي گهربو هو ته هو اقتدار ۾ اچڻ شرط صوبي جون واڳون مڪمل طور تي پنهنجن هٿن ۾ وٺي ها ۽ سنڌ پوليس کي جديد بنيادن تي استوار ڪري غير قانوني طور آندل ٻين صوبن جي آفيسرن کي واپس موڪلي صوبي ۾ امن امان قائم ڪري ها، پر نه رڳو صوبائي پوليس جون واڳون ڌارين حوالي رهيون، پر ڏينهون ڏينهن سنڌ سرڪار رينجرس ۽ ٻين ايجنسين تي ڀاڙندي رهي. نتيجي ۾ صوبائي پوليس تي 24 (چوويهه) ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود اها سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کان عاري آهي، ڇو ته ان جي واڳ اسان جي گهرو وزير جي هٿن ۾ نه پر ڌارين جي هٿن ۾ آهي. 1973ع جي آئين ۾ امن امان نج صوبائي کاتو آهي ته پوءِ سنڌ سرڪار پوليس کي مڪمل طرح پنهنجي هٿ وس ڪري ان تي مٿان

IG کان وٺي هيٺ تائين پنهنجا مقرر ڇو نٿي ڪري؟ پوليس ۾ اسپيشل برانچ توڙي ڪمانڊو تربيت جي ذريعي مختلف يونٽ قائم ڪري رينجرس جي ضرورت ۽ افاديت کي پوئتي ڇو نٿي ڌڪي ۽ هر تشدد ۽ قتل ۾ رينجرس ۽ پوليس جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڇو نٿي ڪري. اها هڏ ڏوکي آفيسرن جهڙوڪ اي ڊي خواجه کي هڪ گريڊ مٿي ڏئي صوبي ۾ آءِ جي ڇو نٿي مقرر ڪري؟ گلشن جو ٽي پي او چوي ٿو ته سجاد ۽ زوهيب عباسي ٻئي ڏوهاري هئا. هن نه ته تفصيل ڏنا ۽ نه وري انهن جي ڏوهن جو رڪارڊ، پر رڳو رينجرس جي موقف جي تائيد ڪئي. فرض ڪريو جيڪڏهن رڪارڊ هجي به ته انهن کي قتل ڪرڻ جائز آهي؟ اسان کي سرڪار اهو به ٻڌائي ته سيوهڻ جي اختر شاهه کي جڏهن ڄامشورو جي سرزمين تي قتل ڪيو ويو ته ان جو رڪارڊ ڪهڙو هو؟ ڪراچي جي شاهراهن تي جيڪي ڪونڌر ڪٺا ويا، انهن جو رڪارڊ ڪهڙو هو؟

خيرپور پوليس ڌاڙيلن سميت جن ٽن مغوين جي قتل جو ڪارڻ بڻي انهن جو ڪهڙو ڏوهه هو. سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڌارين کي لکين رپيا معاوضو ڏئي ٿي ته بيگناهه مارجي ويل سنڌين لاءِ هن جي بجيٽ ۾ ڪو ٽڪو پيسو ڇو نه آهي؟ ڇا ڪنهن وزير ۽ ڪاموري خيرپور جي ٻن ڪلهوڙن ۽ هڪ سومرا خاندان جي دل تي پها رکيا آهن؟ رهندو ڌاڙيلن ٻي ڪارروائي ڪري ڇهه گهر ڀاتي قتل ڪري ڇڏيا آهن. عالم جون حڪومتون پنهنجن ماڻهن جي تحفظ تي سر ڏينديون آهن، ڀنگ ڀرينديون آهن، پر سرڪار هڪ ٻه ڌاڙيل مارڻ خاطر ڪيترائي ماڻهو قتل ڪرايو ڇڏي ۽ وڏي ڳالهه ته انهن جو تعلق به اهڙي ضلعي سان هجي جتان جو وڏو وزير آهي. ان سموري ڪجهه هجڻ باوجود 50 کان وڌيڪ وزير هوندي هڪ به انهن جا لڙڪ اگهڻ لاءِ نه پهچي ته حيرت ڇو نه ٿئي! جيڪڏهن محبوب جي ڪٺورتا اهڙي حد تائين پهچي وڃي ۽ ڌارين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فخر محسوس ڪري ته پوءِ ڇو نه ان کان پاسرو ٿجي، ڇو ته هو عمر جي ريب ۾ اچي ويو آهي

.

اسان سڀني کي هن تشدد جاءِ نه رڳو پيرا ڳولهڻا پوندا، پر ان جي سببن کان سنڌ جي عوام توڙي پ پ سرڪار کي آشنا ڪرڻو پوندو، ڇو ته هنن واقعن ۾ پ پ سرڪار کي اڻ سڌي طرح نه سهي، پر سڌي طرح ملوث نٿو ڪري سگهجي. هن تشدد جا پيرا سنڌ جي سياسي محڪوميءَ واري دڳ ۾ پون ٿا،

جتي سنڌ جي سياست کي (Manage) ڪرڻ جا جتن ٿيندا رهيا آهن. امن امان هڪ اهڙو پهلو آهي، جنهن کي سنڌ جي سياست کي زير بار ڪرڻ لاءِ پئي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جيستائين سنڌ سرڪار پوليس ۽ ان سان وابسته ادارن کي مڪمل طور سنڌي عوام جي گرفت ۾ نٿي آڻي، تيستائين سنڌ ۾ سياست اسلام آباد جي چنگل مان آزاد نه ٿيندي. چونڊون هجن يا ڪو ٻيو مرحلو، پوليس ۽ انتظاميا کي ئي سنڌ ۾ سياست کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار فوري طور آءِ جي، سي سي پي او ۽ ٻين عهدن تي مقامي ماڻهن کي فائز ڪري پوليس کي جديد بنيادن تي استوار ڪري رينجرس کي ٿوري عرصي اندر گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي. ان کانسواءِ اسلام آباد کي اها به التجا ڪري سگهي ٿي ته جيڪا رينجرس سنڌ ۾ مقرر آهي، ان ۾ سئو سيڪڙو سنڌي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن. صوبائي سرڪار جي هٿ ۾ هاڻي نه ته پوليس آهي ۽ نه ڪا رينجرس، اهي مڪمل طور اسلام آباد جي حڪمن جي تابع آهن ۽ هي آئين ۽ قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. ايتري تائين جو گهرو وزير توڙي وڏي وزير جي گڏجاڻين ۾ ڪيترا دفعا اعليٰ آفيسر اچن ئي ڪو نه ٿا، ان ڪري سنڌ سرڪار بجاءِ عمر جي ڪوٽ جي رکوالي ٿيڻ جي پنهنجي مارن جي پوئيواري ڪري ۽ هنن تازن ڇهن شهيدن جي خون جو قانوني، مالي ۽ قومي ازالو ڪري. سنڌ هينئر پ پ جي اهڙي عمل تي سخت چڙيل آهي. رهندو قومي ڪارڪنن کي ڏوهاري قرار ڏئي باهه تي تيل هاريو پيو وڃي. لاڙڪاڻي جي ڊي پي او اڳ ئي اعلان ڪيوآهي ته سجاد ۽ زوهيب عباسي جو سندس ضلعي ۾ ڪو به رڪارڊ نه آهي.

سنڌ جو عوام اهو نٿو چاهي ته سنڌ جو مينڊيٽ سنڌي عوام خلاف استعمال ٿئي. پ پ سرڪار جو حقِ حڪمراني هرڪو مڃي ٿو، پر ساڳي وقت ان جي طرز حڪمراني ۽ قومي حقن تي ساز باز ڪرڻ واري عمل تي ان جي قانوني حدن اندر مخالفت سنڌ جي قومپرستن، جمهوريت پسندن، ترقي پسندن، دانشورن توڙي ميڊيا جو بنيادي حق آهي. هي دور اهو نه آهي ته هاڻي ماڻهو اک ٻوٽي سرڪار جي هر عمل جي حمايت ڪن. اهي ناز نخرا عوامي

Symbolic قيادت ڪندي آهي، جيڪا مزاحمت جو نعم البدل هوندي آهي. هينئر سنڌ جو عوامي اهڙو کاتو کوليو آهي، جڏهن وزير جو احتساب پيو ٿئي. اشرافيه ڀل ته پاڻ کي طاقتور سمجهي پر اقتدار عوام جي امانت آهي ۽ عوام سنڌ ۾ پنهنجي مينڊيٽ جي توهين برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

پ پ سرڪار جيڪو سنڌي عوام کي پنهنجو جيب خرچ سمجهي رهي آهي، اهو وقت هاڻي پ پ سرڪار جي هٿن مان نڪري ويو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ هڙتالن مان ئي واضح آهي ته سرڪار جا ڪرتا ڌرتا پنهنجي ضلعي ۾ عوامي احتجاج کان ڪيترو لاتعلق آهن. لاڙڪاڻي مان لاش کڻڻ تي ماڻهن ۾ هونئن به هڪ عجيب ڪيفيت طاري آهي، وري جڏهن انهن کي اهي طعنا ملن ته اهو ته سندن اعمالن جي ڪري آهي، هي هڪ سنگين ڪٺورتا آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام هينئر برداشت ڪرڻ لاءِ تيارنه آهي. سنڌ ۾ پ پ سرڪار ۽ عوام جو هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائڻ خود سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي، ڇو ته ڀٽائي سرڪار چيو آهي ته

:

ڪڍي ڪان ڪمان مان ميان مار نه مون

،مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي

اشرافيه ٿڌن ڊرائنگ رومن ۾ ويهي شايد هميشه وانگر اهو محسوس ڪيوآهي ته عوام هنن کان سواءِ هاڻي ڪنهن کي ووٽ نه ڪندو ۽ حڪمراني جو حق ڪنهن تصوير سان لاڳاپيل آهي. پ پ سرڪار اها تصوير خود عوام حوالي ڪئي آهي ۽ ان ئي بنياد تي عوام پ پ جي اشرافيه جي حق حڪمراني کي ڏينهون ڏينهن چئلينج ڪري رهيو آهي. سو ان کي ان سان ٽڪراءَ بجاءِ وهنوار ۾ اچڻ گهرجي ۽ صوبي ۾ سنڌي عوام جي حقِ حڪمراني لاءِ اهم ۽ نوان قدم کڻڻ گهرجن. اسان سوچيو هو ته 4 مارچ تي مسرور احسن هميشه پنهنجي گهر هليو ويو آهي، پر ائين نه ٿي سگهيو، ڇو ته هينئر به سنڌ ۾ حڪومت ته نالي ۾ سنڌين جي آهي، پر حڪم مسرور احسن جو هلي ٿو ۽ پ پ جا وزير ۽ امير احسن جي حڪم جي تابع آهن. جنهن مان ظاهر پيو ٿئي ته سنڌي عوام جي ڀاري مينڊيٽ جي باوجود ون يونٽ قائم آهي، ڇو ته جڏهن ون يونٽ سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ايڊووڪيٽ جنرل يوسف لغاري عدالتي سرشتي توڙي نواز-مشرف ٺاهه جا بکيا اڊيڙيا ته ساڳي پ پ سرڪار کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو، هن جڏهن استعيفيٰ پئي ڏني ته کين زبردستي روڪيو ويو. هاڻي به سندس موجودگي سنڌي عوام لاءِ وڏي وٿ آهي

sent by: Gul Katoher

Posted in Articles | Leave a Comment »

 
Follow

Get every new post delivered to your Inbox.