هڪڙي نوڪر سان، هو جيڪو دبئي جي ٻن بيڊ رومس واري اپارٽمينٽ ۾ اڪيلائپ جي عذاب ۾ سڙي رهيو آهي، ڪنهن کي نه وسارڻ کپي ته ڪالهه ان شخص وٽ به سنڌ جي حڪمراني هئي، هو ڪالهوڪي سنڌ جو حڪمران هو، اڄ جيڪو روح ساڙيندڙ ان اڪيلائپ جي علاج لاءِ پنهنجا ڏينهن رات ڳڻي رهيو آهي. ان جيستائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي، سنڌ جي جذبات جي توهين لاءِ پنهنجي زبان سدائين ڇوٽ رکي. تخت حڪمراني جي هينگ اوور ۾ هن سنڌ جي رهواسين، سنڌ جي حقيقي مالڪن جي زخمن تي خوب نمڪ پاشي ڪئي. سنڌ جو درٻاري اديب کيس ڏينهن ۾ سئو سلاميون ڏيندي کيس شاهه لطيف جو جکرو سڏيندو رهيو. جيستائين هو حڪمران رهيو، عوام جي هجومن کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي اختيار ۽ اقتدار جي چائنٺ تي سئو ڀيرا سجده ريزي ڪندي ڏسندو رهيو. ان تخت، ان دور حڪمراني، ان اعليٰ مقام جو پنهنجو نشو، پنهنجو ذائقو ٿيندو آهي. هن پنهنجي سيڪيورٽي قافلي جي وچ ۾ پنهنجي گاڏي جي ڇڏيل ڌوڙ ۾ گهڻن جو ئي نفس پتو ٻوڙي ڊوڙندڙ خلق جو منهن ڌوڙ ڪيو هوندو. اقتدار جي اختيار ڪل جي مالڪ ٿيڻ تي جنهن جي زبان لمحي لمحي ڏنگيو ٿي، اهو جنهن ڏينهن پنهنجي عهدي تان سبڪڊوش ٿيو، ٺيڪ ان ڏينهن، عوامي غصي ۽ جلال سندس دور اقتدار جا ليکا چوکا پاڻ سڌا ڪيا. اقتدار ۾ سئو سليوٽن ۽ سجده ريزن تي هريل ان ڪالهوڪي حڪمران کي ان ڏينهن ڪير بچائڻ وارو به مشڪل سان پنهنجا هٿ وچ ۾ وجهڻ لاءِ تيار هو، جنهن ڏينهن عوامي برگيڊ سندس ڪڍ لڳندي، اسيمبلي فلور تائين وڃي پڳي هئي.
ڪنهن کان الائي به ڇو دادو جو ويٽنام ٿيڻ وسري ٿو، جڏهن دادو ۾ ضياءِ جي سرڪاري پروٽوڪول ۾ هلندڙ گاڏي مٿان اتان جي عورتن ڪجهه نٿي ڪيو، بس ڇيڻا ۽ مٽي جا ٻڪ پي وسايا. رڳو ضياءَ کي آڱوٺو ڏيکاريندي دادو وارن احتجاج ۾ پنهنجا لٽا لاهي انگ نه ڏيکاريا هئا، پر اهو لقاءُ گذريل دور ۾ دادو جي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي حصي ۾ به آيو هو. اهو عوام جو احتجاج هو، اهو Mob جو پنهنجو انصاف ڪرڻ جو طريقو هو. اهو غصو هو، ڪاوڙ هئي، باهه هئي، پنهنجي توهين جو حساب هو. ڀلا ڪنهن ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جڏهن به پيپلز پارٽي جي حڪومت کي غير جمهوري، غير آئيني، طريقي سان ڪيرايو ويندو آهي، تڏهن ٻين صوبن ۾ ته کڻي مٺايون ورهايون وينديون هجن، پر سنڌ ۾ ڪو وڏو احتجاج ته پري، پر شٽربند به نه ٿيندو آهي. غير جمهوري طريقي سان حڪومت جي خاتمي تي وات ٽڪاڻي وارا تبصرا پنهنجي جاءِ تي، پر ائين باهه ٻرندي توهان کي ڪڏهن به نه نظر آئي هوندي، جيئن پنجاب ۾ گورنر راڄ جي لاڳو ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي حڪومت جي خاتمي واري اعلان تي پنجاب جي گادي عوامي احتجاج سان ائين ٻرندي نظر آئي، جو ڪي ڏينهن احتجاج جا ڪاٽي کيس ٻيهر گديءَ تي ويهاريو ويو.
هنن يقينن محترمه سان سنڌي عوام جي اڻ شرطيه محبت جي پوکي کاڌي آهي. پيپلز پارٽي بيشڪ ته ڪڏهن به پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمراني جا ڪي اعليٰ مثال قائم ڪرڻ ۾ انتهائي بري طريقي سان ناڪام رهي آهي، پر حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي جي قوت اها حڪمراني واري سگهه نه، پر ان جي سگهه عوام آهي. اها عوامي سگهه ئي آهي، جيڪا حڪمران پنهنجي اقتدار لاءِ سيڙهي طور سدائين استعمال ۾ آڻيندا رهيا آهن. اها عوامي سگهه ئي آهي، جيڪا هر دور ۾ پيپلز پارٽي جي ٽاپ ليڊرشپ بلينڪ چيڪ طور استعمال ڪئي آهي. هن ڀيري مامرو مٽيل آهي، هن ڀيرو هي قصو ٻئي طريقي سان انت پڄاڻي کي پهچڻو آهي. هن ڀيري پيپلز پارٽي وٽ نه اها ليڊرشپ آهي، جنهن جون پاڙون عوام ۾ هجن، نه ئي هن ڀيري وٽن ڪو حڪمراني جو اعليٰ ڪارڪردگي جو پروفائيل سنڌ ۾ جڙي سگهيو آهي. اڳ جي ابتڙ هن ڀيري پنهنجي قائد جي خون جي خراج کانپوءِ پارٽي ماضي جيان مزاحمتي مورچي جي واڳ سنڀالڻ بجاءِ سڌو خون جي لڪير پويان ان ئي اقتدار تي ويهاري ويئي آهي، جنهن مان رڳو سنڌڙي کي ئي جوکو نه پهتوآهي، پر پيپلز پارٽي جي عوامي سگهه تي نشانا به اتان ئي سڌا ٿيا آهن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي پاڙ پٽڻ جا اونداهي رات وارا راتاها به اتان ئي Approval بعد هاڻي اڳتي وڌيا آهن، ته ڏينهن ڏٺي جو ”سنڌ مخالف ايجنڊائون“ به اتان ئي سدا گردش ۾ رهيون آهن. سوال آهي ته عوامي نمائندي کي، عوامي قيادت کي صدارتي محل ۾ هجڻ کپي ها، يا عوام جي وچ ۾ سندس موجودگي وڌيڪ اهم هئي؟
سنڌ ۾ حڪمراني جو طريقيڪار ڪو اٺاسي کان گهڻو مختلف نه آهي، پر هي اٺاسي وارو دور بنهه ناهي، هن دور جا پنهنجا داخلي ۽ خارجي مسئلا آهن. ٻاهرين ميڊيا جي واويلا موجب هيءُ دور نين سرحدن ٺهڻ جو هجي نه هجي، پر يقيني طور تي سرحدن جي بقاءَ واري مسئلي جو دور ضرور آهي، تاريخي شناخت جي بقاءَ مسئلي جو دور يقينن آهي. هيءُ نهايت خبرداري سان، خبردار رهڻ جو وقت آهي، جذباتي نعرن ۽ اٻهرائپ واري جوش جو دور نه آهي. ڏسڻو آهي، پرکڻو آهي، ته هن وقت ۾ سنڌ جا حڪمران ڪٿي ۽ ڪنهن سان بيٺل آهن. حڪمراني ڪندڙ سنڌ جي موقعي پرست سياسي وڏيرن جو اڄوڪي صورتحال ۾ ڪهڙو ٿو ڪردار ٺهي؟ اڄ جا اختيار ڌڻي هن وقت، هن دور حڪومت کي پنهنجو ”آخري وارو“ ڪري استعمال ڪري رهيا آهن، آخري موقعو جنهن کانپوءِ حڪمراني ته پري، پر شايد کين عوام جي وچ ۾ ويهڻ جيتري جرئت به نه ٿئي. اڄوڪين اخبارن، اڄوڪي ميڊيا ۾ سندن ڏينهن رات جو رڪارڊ ائين شايع ٿي رهيو آهي، جو سنڌ جي شعور ۾ سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جي عوام ۾ سندن پارٽيءَ جي گراف کي الائي ڪيترو ڪيرائي چڪو آهي. کين سنڌ ۾ سندن ڪرندڙ گراف جو ڪو اونو هجي ته کين ان لاءِ ڪا وڏي انڪوائري به گهربل ناهي، سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيل آهي. هاڻ سنڌ کي ڪنهن واعدي، ڪنهن نعري ۽ ڪنهن وڏي قرباني جي ذڪر تي گهڻو جذباتي ڪري چپ ڪرائڻ ممڪن نه رهيو آهي. هاڻ گهڻي دير تائين سنڌ کي دلاسن جا دولاب ڏيئي ماٺ ڪرائڻ ممڪن نه رهيو آهي. ”حڪومت جا هٿ ٻڌل آهن“ اها ڳالهه کڻي اسلام آباد جي اعليٰ ايوانن تائين درست به مڃجي، پر هتي سنڌ ۾ ته ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري سگهجي ٿي. ڪراچي جي دهشتگردي سان کڻي نه پڄي سگهجي، پر باقي سنڌ جا بدامني جي باهه ۾ ٻري پئي، ان لاءِ انهن جا هٿ ڪنهن ٻڌا آهن؟ اتر سنڌ ۾ هڪ ضلعي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ پنجويهه پنجويهه ماڻهن جي اغوائن جون خبرون هاڻ ڪنهن کي گهڻو ڇرڪائين نٿيون. عورتن کي سياست ۾ موبلائيز ڪندڙ پيپلز پارٽي جي دور ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي اخبار ۾ پنج عورتن جي ”ڪاريون“ ڪري مارجي وڃڻ جون خبرون عام هجن ته پوءِ ان مامري تي ماتم ڇو ڪجي؟؟
اها ئي پيپلز پارٽي هئي، جنهن وٽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ سان خاص طور تي روزگار جو واعدو ٿيل هو ۽ سنڌ حڪومت ڏيڍ سال ۾ ئي ڪي ٽيهه لک نوڪري جون درخواستون وصول ڪري چڪي آهي، پر نوڪري ڏيڻ واري واعدي وفائي ۾ حڪومت جي راهه ۾ ڪهڙا روڙا اٽڪيل آهن؟ ان جي لاءِ نيٺ به ڪنهن کان پڇجي، جو ڪيترن ئي وزيرن، مشيرن کي پنهنجن گهرڀاتين کي سڻڀين ڪرسين تائين پهچائڻ کان فرصت ڪونهي. سنڌ ۾ بدانتظامي پويان به جيڪا ڪهاڻي آهي، ان تي حڪومت هاڻ گهڻي دير تائين کارو نٿي وجهي سگهي ته لڳ ڀڳ هر بااختيار پوسٽ پوءِ اها پوليس کاتي جي آفيسرن جي هجي، ايريگيشن جي انجينئرن جي هجي، تعليمي ڪامورن جي هجي يا وري ضلعي جي عملداري جي هجي، ان لاءِ مبينا طور اڻ اعلانيه اگهه مقرر ٿيل آهي. خراب گورننس جا ٻيا ڀلا ڪهڙا پار ٿي سگهن ٿا. سنڌ يونيورسٽي پاران پرائمري استادن جي ٿيل تحريري امتحانن جي پرچي آئوٽ ٿيڻ جا ”جوابدار“ ائين غائب آهن ڄڻ ڪي فرشتا هجن. يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي تي حڪومت جو نه تعليمي وزير ڪو اکر ڪڇي سگهيو ۽ نه ئي وزير اعليٰ صاحب ان مامري کي جاچڻ جي ڪا زحمت گوارا ڪئي. اڃا به ٻڌجي پيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ناموس کي داغ لڳائيندڙن کي چوٿون دفعو مڙهڻ جا سانباها فقط ان ڪري ڪيا پيا وڃن جو اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ ان اسائنمينٽ ملڻ لاءِ ”ادائيگي“ جي وڏي آڇ ڏيندڙ آهن. هيءَ سنڌ ناهي، ڄڻ ته ڪنهن جي ڪا فتح ڪيل سلطنت آهي، جنهن ۾ غلط ڪم ڪندڙن جا پيرا نه کڻبا آهن، پر کين کارائڻ، پيارڻ ۽ ڏيتي ليتي عيوض ورهين تان مڙهي رکيو ويندو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سنڌ ۾ ڪيترن خاندانن جي گهر جي چلهه ٻارڻ جوبندوبست ٿيل آهي؟ پيپلز پارٽي جي حڪومت امن امان جي ڏس ۾ ڪيتري بهتري آندي؟ ڪيترن بيروزگارن کي نوڪرين سان نوازيو ويو آهي؟ ڪهڙن ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن جا نوان پراجيڪٽ آندا ويا آهن؟ سنڌ حڪومت تعليم جي ڏس ۾ ڪيترا انقلابي قدم کنيا آهن؟ ڇا ڪير انهن سوالن لاءِ بريفنگ ڏيڻ پسند ڪندو؟
ڪير کڻي وضاحت نه به ڪري، ته به پڌرو آهي ته سنڌ سموري جي بجيٽ ۾ ڪراچي جو ڪيترو حصو آهي؟ صدر صاحب سنڌ جي دوري لاءِ اسهي ٿو ته رڳو 22 ارب رپيا ڪراچي جي تزئين ۽ آسائش لاءِ ڏيڻ جو اعلان ٿو ڪري. ڪراچي ۽ باقي سنڌ جي بجيٽ ۾ جيڪو فرق آهي. مفاهمت جي پاليسي، شايد اقتدار ڏانهن ڪا سيڙهي هئي، جنهن وسيلي انهن سان هٿ ملايو ويو آهي، جن جون آستيون جمهوريت جي شهيدن رت ۾ اڃا ڳاڙهيون ئي هيون. مفاهمت انهن سان به ٿي، جن کين سوگهو ڪري ايئن جيل ياترائون ڪرايون، جو ٻيو ته ٺهيو پر کين پنهنجي جگر گوشن کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو هو. ها، دوستي جو هٿ انهن ڏانهن به وڌايو ويو، جن محترمه جي سياسي راهه تي وک وک تي ڪوڙڪي وڇائي هئي. مفاهمت جي پاليسي ۾ سڀ اڇا اجرا ٿي نڪتا، پر جيڪڏهن نه وڌي ته سندن وک اوڏانهن نه وڌي، جن جي سياست سنڌ سان لاڳاپيل هئي. هو الائي به ڇو محترمه جي ان ابتدا کي وساري چڪا، جيڪا هن دبئي ڪانفرنس ۾ سنڌ پرست قيدين جا نانءَ کڻندي، انهن جي آزادي جي گهر هڪ آمر کان ڪئي. هو خير بخش مري جي تڏي تي گهڻا دفعا هلي ويئي هئي، هن گل محمد جکراڻي کي پنهنجي جمهوريت واري قافلي جو شريڪ بڻايو هو ته سنڌ کي اطمينان ٿيو هو، کين پڪ ٿي هئي ته هن ڀيري اها قيادت سندن وارثي ڪندي، هنن سچ پچ ته پنهنجو پاڻ، ۽ سنڌ جي تقدير محترمه کي ائين سونپي هئي جو کين لڳو هو، هاڻ اها قيادت کين ائين گڏ کڻندي، جيئن ڪير جنگ جي آخري معرڪي تي هلڻ وقت ڳولهي ڳولهي پنهنجا ساٿي پڪاريندو آهي. بينظير بيشڪ ته چئن صوبن جي زنجيرن جي علامت جو اميج رکندڙ هئي، پر اها به حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس هميشه سنڌ جي کاتي ۾ ئي رکيو. سندس مفاهمت جي معنيٰ شايد اها نه هجي ها، جيڪا اڄ آهي. مفاهمت جي معنيٰ يقينن اسٽيبلشمينٽ جي ان معنيٰ کان مختلف هجي ها، جنهن ۾ طالبان جي حقيقي ويڙهاڪ گروهن لاءِ ڳالهين جا دروازا ته کليل هجن، پر پارليامينٽ ۾ ويٺل بلوچ قيادت سان ڳالهائڻ ۽ ڳالهيون طئي ڪرڻ کي بغاوت ليکجي. جيڪا سنڌ ۾ چوويهه ڪلاڪن ۾ چاليهه لاش ڪيرائڻ کي ته سياسي معاملو سمجهي، پر قانوني دائرن ۾ رهي هڙتال ۽ احتجاج تي سڌيون گوليون هلائي، فائر کولڻ جا حڪم جاري ڪري.
هيءَ مضمون هينگ اوور جي شڪار ڀوتارن لاءِ نه آهي، پر پيپلز پارٽي جو اهو انگ اگهاڙو ڪارڪن، جنهن جو اکيون محترمه جي ذڪر سان آليون ٿين ٿيون، ان لاءِ آهي. پيپلز پارٽي جو اهو ڪارڪن، جيڪو پارٽي ميٽنگن ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ٻه اکر ڳالهائڻ تي پارٽي ڀوتارن، وزيرن، مشيرن پاران ڇڙٻيو ويندو هجي، جنهن جي دل اهڙي دور اقتدار ۾ رت روئيندي هجي، جيڪو لوڪ سامهون/پارٽي عهديدارن سامهون ڪڇي نه سگهندو. هيءُ مضمون ان لاءِ آهي. ڪو آهي، جيڪو اڄ سنڌ جي عوام ۽ پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي پيدا ٿيل وڇوٽي لاءِ پل ثابت ٿي سگهي. جيڪو قيادت کي اهو سمجهائي سگهي ته اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي کي فقط تڏهن ئي اقتدار ۾ رکڻ تي مجبور هوندي، جيستائين کين سنڌ مان ٿيندڙ مزاحمت جو ڊپ هجي، پوءِ اهو اقتدار ارڙهن مهينا هلي يا سوا ٻه سال….مارچ ۾ مارچ ٿيڻ جا انڪشاف به شايد ان ڳالهه جي تصديق ڪن ته پيپلز پارٽي سنڌ مان پنهنجي عوامي حمايت جو اهو بنياد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو کيس اقتدار پير پختا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ”هن دفعي پيپلز پارٽي جي واپسي وقت سنڌ لاتعلق ئي رهندي.“ اها خبر شايد پيپلز پارٽي جي قيادت پهرين نواز شريف کي پئجي ويئي آهي، جنهن جا ڪارڪن مارچ ۾ اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف ٿا ڏسجن.






