سنڌ ۾ انتظامي نااهليءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ – نصير ميمڻ
Posted by Uzair on April 10, 2009
چوٿين اپريل 2009ع جي روزاني ڪاوش ۾ ڇپيل هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي سينيئر وزير پير مظهرالحق سنڌي آفيسرن جي حوالي سان اٺين اپريل 2009ع تي ڪاوش اخبار ۾ هڪ مضمون ۾ ڪامورا شاهيءَ جي روين تي تنقيد ڪئي. پير مظهرالحق صاحب جو موقف پنهنجي جاءِ تي، پر ڪامورا شاهيءَ جي سنڌ جي ترقيءَ بابت غير سنجيده روين، ڪرپشن ۽ اهليت جي گهٽتائي جي حوالي سان شايد ٻه رايا نه هجن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جو انتظامي ڍانچو اهليت ۽ ڪمٽمينٽ جي سخت بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ ان جي سزا سنڌ جا چار ڪروڙ رهواسي روز ڀوڳين ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي بيوروڪريسي اهليت جي پيماني تي گهڻو هيٺ بيٺل نظر اچي ٿي ۽ گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران سنڌ جي ترقيءَ جي خراب حالت لاءِ ذميوار فيڪٽرن ۾ هڪ اهم ترين فيڪٽر پڻ آهي. ساڳي وقت سڄي ملڪ جي اڪثر بيوروڪريسي پڻ نااهليءَ جو اعليٰ نمونو آهي، تنهن ۾ سنڌ جي بيوروڪريسي شايد ٻه وکون اڳڀري آهي، پر ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان سان لاڳاپيل ٻين معاملن جو به ڇيد ڪيو وڃي. جڏهن سڄو ملڪي نظام گڙٻڙ جو شڪار آهي ۽ رياست جا ٻيا سمورا ٿنڀ به قابليت ۽ ساک جي بحران جو شڪار آهن ته اتي بيوروڪريسي پاڪ صاف هجي، اهو ڪيئن ممڪن آهي. عدليه، قانونساز ادارا، امن امان جا ذميوار ادارا، سياسي ادارا، پارٽيون، سماجي تنظيمون، تعليمي شعبو، ميڊيا وغيره سڀ ان بحران جو شڪار آهن. نه رڳو بحران جو شڪار آهن، پر هڪ ٻي سطح تي ان بحران جا ذميوار پڻ آهن، تنهن ڪري انهن مان ڪنهن هڪ کي اڪيلي سر ان صورتحال جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ان جي ذميواريءَ کان آجو قرار ڏئي ٿو سگهجي. اهو ٿي نٿو سگهي ته سمورو نظام خراب ڪارڪردگيءَ جو شڪار هجي ۽ ان جو هڪ حصو فرشتن جهڙو معصوم هجي، تنهن ڪري تقاضا اها آهي ته شيشي جي گهر ۾ ويهي، ٻين تي پٿر نه اڇلائجن. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سماج جا سمورا ادارا بربادي ۽ بحران جو شڪار آهن ته پوءِ ان کي ٺيڪ ڪير ڪندو؟ رياستي معاملن جي حوالي سان اهو ڪو مشڪل سوال ناهي، اها تاريخ جي مڃيل حقيقت آهي ته رياستي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جو بنيادي نسخو سياست کي ٺيڪ ڪرڻ آهي. جنهن رياستي ڍانچي ۾ سياست عوام دوست، اهل، ايماندار ۽ دور انديش هٿن ۾ نه هوندي، اتي باقي ادارا ڪڏهن به ٺيڪ ٿي نه سگهندا. سو جيڪڏهن سنڌ ۾ بيوروڪريسي ٺيڪ ڪم نه پئي ڪري ته ان جي خرابيءَ جا پيرا به سياست جي دروازي تي اچي کٽندا. هي بلڪل ايئن آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪلاس روم ۾ ليڪچر دوران شاگرد سمهي رهن ته پوءِ شاگردن بجاءِ استاد کي جاڳائڻ گهرجي، تنهن ڪري جيڪڏهن سماج ۾ ادارا ٺيڪ ڪم نه ڪن ته سڀ کان اول سياست کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. ان بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته آخر سنڌ جي بيوروڪريسي نااهل آهي ته ڇو آهي؟
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي بيوروڪريسي ٻاهرين صوبن مان آندل ۽ سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌي عملدارن تي مشتمل هوندي هئي. ون يونٽ کانپوءِ جيئن ته سڄو ملڪ ئي هڪ ڪيو ويو هو، تنهن ڪري سنڌ مٿان غير سنڌين جي حڪمراني وڌيڪ پختي رهي. ون يونٽ جي دور ۾ رڳو سنڌ جي بيراجي زمينن جي ڪيل ڦرلٽ جا انگ اکر کڻي ڏسبا، تڏهن به صاف نظر ايندو ته ڪهڙي طرح غير سنڌي عملدارن سنڌ جي وسيلن کي غنيمت جو مال سمجهي ان جي ڦرلٽ ڪئي. ان سڄي دور ۾ فيصلي سازيءَ ۾ سنڌي آفيسر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ڪو نه هئا. مثال طور 1960ع ۾ جڏهن ”سنڌ طاس معاهدي“ هيٺ ملڪ جا درياءَ هندستان حوالي ڪيا ٿي ويا ته ستن ڄڻن واري ڪميٽيءَ ۾ هڪ به سنڌي نه هئو، ۽ اهڙي طرح سنڌ جي حصي جو پاڻي بنا پڇا ڳڇا وڪرو ٿي ويو. وري جڏهن ان ٺاهه جي عيوض ورلڊ بئنڪ طرفان آبپاشي اڏاوتن لاءِ پئسا آيا ته اهي سمورا سنڌ کان ٻاهر خاص طور تي پنجاب ۾ خرچ ٿي ويا. پر سياست توڙي بيوروڪريسيءَ ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ سبب ان انياءَ تي ڪو به سگهارو ردِ عمل نه ڪيو ويو. بيوروڪريسيءَ ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به هو ته ورهاڱي کان اڳ سنڌي مسلمانن ۾ تعليم ۽ خاص طور تي اعليٰ تعليم جو لاڙو نه هجڻ جي برابر هو. جيئن ته 1936ع تائين سنڌ بمبئي جو حصو هئي، تنهن ڪري ميٽرڪ جو امتحان به بمبئي يونيورسٽي هيٺ ٿيندو هو. 1937ع ۾ به اها صورتحال هئي، جو ان سال رڳو هڪ مسلمان ايم اي ڪئي هئي. 1939ع ۾ هڪ به مسلمان شاگرد ايم اي پاس نه ڪري سگهيو. 1938ع ۾ 120 شاگردن بي اي جو امتحان ڏنو، جن مان صرف 15 مسلمان ڪامياب ٿيا. ان صورتحال ۾ جڏهن 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌي هندو سنڌ مان هندستان هليا ويا ته سنڌ ۾ پڙهيل لکيل مسلمان ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا هئا، تنهن ڪري سنڌ جو انتظامي ڪاروهنوار هندستان مان لڏي آيل پڙهيل لکيل مسلمانن ۽ پنجاب مان آيل عملدارن جي حوالي ٿي ويو. ون يونٽ جي دور ۾ ته سنڌين جي قومي وجود کي ئي ختم ڪيو ويو، تنهن ڪري سنڌين جي تعليمي ترقيءَ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. ون يونٽ ٽٽڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت اچڻ تائين ملڪ جي انتظامي ڪاروهنوار ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مس هئا. 1973ع ۾ وفاقي حڪومت جي ملازمن جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جا اعليٰ درجي جا 3532 آفيسر هئا، جن مان سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو 90 هئا. يعني رڳو 2.5 سيڪڙو. ان دور ۾ اردو ڳالهائيندڙ ملڪي آباديءَ جو فقط ٽي سيڪڙو هئا، پر سول سروسز ۾ کين ست ڀيرا وڌيڪ شيئر مليل هو. سنڌين جي بيوروڪريسيءَ ۾ نمائندگي جي حالت اها هئي، جو 10000 بئنڪ ملازمن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو 250 هئا ۽ سنڌ اندر وفاقي حڪومت جي هر 5000 ملازمن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو هڪ هئو.
پهريون ڀيرو ناانصافيءَ جي ان مضبوط ڀت ۾ ڏار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي وڌا، جنهن 1973ع جي آئين ۾ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرايو، جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين جي رهواسين کي نوڪرين ۾ 11.4 سيڪڙو حصو ڏنو ويو. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڀٽي صاحب جو دور سنڌي سماج جي اوسر ۾ هڪ اهم موڙ هئو. ان دور ۾ ڀٽي صاحب بيوروڪريسيءَ ۾ سنڌين کي جوڳي نمائندگي ڏني ۽ پهريون ڀيرو سنڌي ملڪي ڪاروهنوار جي مکيه ڌارا جو حصو بنيا ۽ ان دور جي بيوروڪريسي اهليت جي لحاظ کان ايتري خراب نه هئي. ساڳي وقت ڀٽي صاحب سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جا ادارا قائم ڪري سنڌ ۾ تعليمي قابليت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جا به بنياد وڌا. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ سنڌ مان قابليت ۽ اهليت جا بنياد برباد ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ سنڌ جي اڪثر تعليمي ادارن کي هڪ منظم سازش هيٺ برباد ڪرايو. سنڌي سماج ۾ اوسر جي شروعاتي مرحلي تي بيٺل اهليت جا بنياد تباهه ڪرڻ لاءِ شاگرد تنظيمن ۾ ايجنسين معرفت هٿياربند ڪرمنلز داخل ڪرائي تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي يرغمال بڻايو ويو. بائيڪاٽ، فائرنگ، ڇاپا، چئوديواريون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪري سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي علم ۽ ساڃاهه لاءِ نوگو ايريا بنايو ويو. ائين سنڌ جا اڪثر تعليمي ادارا مستقبل جي سنڌ کي قابليت ۽ اهليت ڀريا گريجوئيٽس ڏيڻ بجاءِ جهالت ۽ نااهليءَ جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ فيڪٽرين ۾ تبديل ٿي ويا. اها هئي پڄاڻيءَ جي شروعات (Beginning of the end). ضيا آمريت جي دور جي پڄاڻيءَ کانپوءِ جڏهن ملڪ ۾ عوامي جمهوريت جو سج اڀريو ته بدقسمتيءَ سان اهليت جا معيار گهڻو بدلجي چڪا هئا. هاڻي اهليت لاءِ اصل سرٽيفڪيٽ ۽ ڄاڻ ضروري نه هئي، پر ڪنهن ڀوتار يا وزير جي چٺي گهربل هئي. پيپلز پارٽيءَ ۽ سندن کانپوءِ ايندڙ 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن جي ٻن مختصر حڪومتن جتي سنڌ لاءِ ڪجهه چڱا ڪم به ڪيا، اتي سنڌ ۾ اهليت ۽ چٽاڀيٽي کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سفارش ۽ پيسن جو سسٽم متعارف ڪرائي سنڌ کي بي انتها نقصان پڻ پهچايو. جيئن ته جنرل ضياءَ جي آمريت دوران سنڌين کي نوڪرين ۽ ترقيءَ جي ٻين حقن کان محروم رکيو ويو هو، تنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌين کي روزگار ڏيڻ واري هن مهم جي هر ڪنهن آجيان ٿي ڪئي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ان دور ۾ سنڌين کي نوڪرين ۾ چڱو موچارو حصو ڏنو، پر بدقسمتيءَ سان 80ع ۽ 90ع ۾ اقتدار سنڀاليندڙن حڪمرانن اهي نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بجاءِ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪوٽا ۾ ورهائي ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ويهارو سال اڳ پيپلز پارٽي ۽ ان کانپوءِ ايندڙ حڪمرانن اڄ جي ان انتظامي مشينريءَ جا بنياد رکيا، جنهن کي اڄ هو پاڻ نااهل قرار ڏئي رهيا آهن. مٿان وري مهرباني اها ڪيائون جو تعليمي ادارن ۾ آڱوٺي ڇاپ سفارشي ماسترن جي هڪ وڏي کيپ ڀرتي ڪئي وئي. ان سلسلي کي نواز ليگ جي حڪومتن به اڳتي وڌايو. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 1988ع تائين سنڌ ۾ 54 هزار پرائمري استاد ڀرتي ٿيل هئا. جڏهن ته 1988ع کان 1996ع تائين اٺن سالن دوران انهن جو انگ وڌي هڪ لک 10 هزارن تائين پهچي ويو. ٻنهي پارٽين جي حڪومتن استادن جي ڀرتين ۾ نااهليءَ کي ڄڻ ته وڏو شرط بنائي رکيو هو. نتيجو اهو آهي جو اڄ پير مظهرالحق صاحب کي تعليم کاتي جي وزارت ست هزار بند پيل پرائمري اسڪولن سان ملي آهي. اهي سڀ گوسڙو ماستر گهڻي ڀاڱي سندن ئي دور جا ڀرتي ڪيل سفارشي آهن، جيڪي ٿورا گهڻا اسڪولن ۾ اچي رهيا آهن، تن جي اهليت جي به جڳ جهان کي خبر آهي. انهن نااهلن ۽ سفارشي ماسترن کي ڀرتي ڪرڻ جو نتيجو اهو آهي، جو اڄ نااهل، خود غرض اڪثر ڪامورن جو هڪ نسل سنڌ جي انتظامڪاري هلائي رهيو آهي. نه رڳو اهو، پر ان عرصي دوران ٻين کاتن ۾ به قائدن قانونن کي پٺي ڏئي جيڪي ڀرتيون سنڌين کي نوڪريون ڏيڻ جي نالي ۾ ڪيون ويون، ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو، جيڪو اڄ اسين ڀوڳي رهيا آهيون. سنڌين کي نوڪريون ڏيڻ واکاڻ جوڳو عمل آهي، پر اهي ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڏيڻ سنڌ سان سڄڻائپ ناهي.
انتظامي معاملن ۾ هڪ ڀيرو ميرٽ کي نيڪالي ڏئي ڇڏجي ته پوءِ اهليت جو ٻيڙو پاڻ ئي ٻڏڻ لڳندو آهي. مختصر جمهوريت جي ان دور کانپوءِ پرويز مشرف جي جنرل ضياءُ الحق جهڙن يارنهن سالن بعد وري جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي آهي ته ان جي هڪ سال جي ڪارڪردگي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته نوڪرين ۽ مقررين بابت ان جو انداز بنهه نه بدليو آهي، گهڻي تفصيل ۾ نٿا وڃون. رڳو ويجهڙ ۾ شايع ٿيل ڪجهه اخباري خبرن تي مختصر نظر ٿا وجهون.
· سنڌ ڪابينا جو فيصلو نظرانداز، ڪيترائي جونيئر آفيسر او پي ايس تحت مٿين پوسٽن تي ڪم ڪرڻ لڳا…ڪابينا ۾ 29 اپريل 2008ع تي فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪانٽريڪٽ وارا آفيسر هٽايا ويندا ۽ جونيئر آفيسرن کي مٿين گريڊ جي پوسٽن تي مقرر نه ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ڪامورو اميرزادو ڪوهاٽي ڪانٽريڪٽ تي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي طور ڪم ڪرڻ لڳو. 19 هين گريڊ جو آفيسر رحيم بخش اعواڻ ٻيلي کاتي ۾ 20 هين گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ٿيل، 2 آڪٽوبر تي رٽائر ٿيو، ڪانٽريڪٽ وٺڻ لاءِ سرگرم. (کيس ڪانٽريڪٽ به ملي چڪو). وفاقي وزير خورشيد شاهه جو ڀاءُ عبدالقادر شاهه 19 هين گريڊ ۾ هجڻ جي باوجود هاءِ ويز ۾ 20 گريڊ جي پوسٽ تي چيف انجنيئر طور مقرر ٿيل، پير مظهرالحق جو ڀاءُ پير منور الحق به او پي ايس تي 20 گريڊ جي پوسٽ تي مقرر، ڪيترائي ڪامورا ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪرڻ لڳا (روزاني ڪاوش 4 آڪٽوبر 2008).
سنڌ جي يونيورسٽين ۾ 30 رٽائرڊ سول ۽ فوجي عملدار مقرر ٿيل. (روزاني ڊان 14 سيپٽمبر 2007ع.)
13 اعزازي گيم وارڊن ڪمائتين پوسٽن تي مقرر. (روزانه ڊان 18 آگسٽ 2008ع).
آبپاشي کاتي ۾ سول انجنيئرنگ جي عهدي تي مڪينيڪل آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري، رولز تبديل ڪرڻ جو حڪم، وڏي وزير جي منظوري بعد تازو چيف سيڪريٽري پاران آبپاشي کاتي ۾ رولز ۾ ترميم ۽ نوان ضابطا جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو. (روزاني ڪاوش 27 مارچ 2009ع).
قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ پوليس ۾ ٽن ڄڻن کي سڌو سنئون ڊي ايس پي ڀرتي ڪيو ويو. (روزاني ڊان 24 مارچ 2009).
پير مظهر ۽ رفيق جمالي پرچي ويا. بدلين، مقررين، نوڪرين، اسڪيمن ۽ ٻين معاملن تان وزيرن ۾ هلندڙ اندروني اختلاف ڊگهي ملاقات دوران ختم. (روزاني ڪاوش 6 اپريل 2009ع).
هي اهي چند خبرون آهن، جيڪي اخبارن تائين پهتيون. سنڌ جي انتظامي معاملن ۾ سياسي مداخلت جا ٻيا سوين قصا عام آهن، جيڪي سڀ جا سڀ غلط نٿا ٿي سگهن. خود پيپلز پارٽيءَ جا ڪجهه اسيمبلي ميمبر ۽ وزير نجي ڪچهرين ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ جي وڌڻ جو اعتراف ڪن ٿا، تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌ جي ڪامورا شاهي مان اهليت جي تقاضا ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ ان لاءِ پهرين سياسي مشينريءَ کي ايمانداريءَ ۽ سچائي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ اهل ۽ ايماندار ڪامورن جو هروڀرو ايڏو ڏڪار به ناهي، پر کين انتظامي مشينريءَ ۾ اهم عهدن تي آڻڻ ۾ خود سياسي قيادت ئي رڪاوٽ آهي، ڇو جو اهي اکيون ٻوٽي سڀ ابتا سبتا ڪم ڪرڻ لاءِ سولائي سان راضي نه ٿيندا. نااهل ۽ ڪانٽريڪٽي ڪامورا ان حساب سان اڪثر وزيرن جي پهرين اوليت هوندا آهن، ڇو ته اهي هر حڪم کي پورو ڪرڻ جي بنيادي اهليت رکن ٿا. سنڌ ۾ جيترا به کاتا آهن، تن کي بهتر بنائڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ 23 ضلعن لاءِ 23 ايماندار ۽ اهل آفيسر مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، ماحوليات، چوپائي مال، فشريز وغيره جهڙن کاتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 ايماندار ۽ اهل آفيسرن جو ملڻ ڪو ناممڪن ناهي. سنڌ ۾ 23 ايماندار ۽ اهل ڊي سي اوز يا ڊي پي اوز ضرور ڪنهن ڪنڊ ۾ ساهه کڻندا هوندا، جن کي فري هينڊ ڏئي انتظامي معاملا حوالي ڪجن ته اهي ضرور سنڌ ۾ انتظامي بهتري آڻي سگهن ٿا، پر ان لاءِ سياسي قيادت کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته سندن اوليت سنڌ جي بهتري آهي، يا پنهنجي جائز ناجائز حڪمن جو پورائو؟ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر ۽ اهل انتظامي مشينري فراهم ڪرڻي آهي ته پوءِ فردن بجاءِ نظام کي جڳهه ڏيڻي پوندي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪابينا جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن کي مان ڏيڻو پوندو. هڪ ڀيرو انتظامي معاملن ۾ ميرٽ کي هر سطح تي صحيح معنيٰ ۾ جڳهه ڏني وڃي ۽ انتظامي معاملن کي سياسي معاملن جي تابع نه بنايو وڃي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مجموعي سڌاري لاءِ هڪ زبردست شروعات جا بنياد رکي سگهي ٿي، پر ظاهر آهي ته ان لاءَ پارٽي قيادت، وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ذاتي خواهشن ۽ اوليتن جي قرباني ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن سياسي قيادت هڪ ڀيرو ميرٽ کي هر ڪم جو بنياد بنائي ڇڏي ته پوءِ انتظامي نااهليءَ جو مسئلو وقت سان خود بخود حل ٿي ويندو. ان جو حل پنجاب مان ڪامورا گهرائڻ نه، پر پنهنجون صفون درست ڪرڻ آهي.


