







Posted by Uzair on April 30, 2009








Posted in Poetry | Tagged: Farzana Khan Naina | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
خيرپور شهر جي پنج گلي چوڪ وٽ جڙيل ”سڪون“ هوٽل جي هڪ پرسڪون ڪنڊ ۾ هڪ دلواري دوست سان چانهه جي ڪپ تي ڪچهريءَ ۾ جيڪو ٽيون نوجوان شريڪ هيو اهو پرائمري استاد هو. ان ٻڌايو ته هو پنهنجي اسڪول جي ٻارن جا سرٽيفڪيٽ به لکندو آهي. پنج درجا پاس ڪري ويندڙ ٻارن کي جيڪو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو آهي، ان جي آخر ۾ ريمارڪس جي ڪالم ۾ اهو لکيو ويندو رهيو آهي ته ” پنج درجا پاس ڪري انگريزي پڙهڻ ويو“. سندس چوڻ هو ته بدليل صورتحال کي نظر ۾ رکندي گذريل دفعي هن ان ساڳي ڪالم ۾ اها تحرير ڪجھ هن نموني لکي ” ٻار پنج درجا پاس ڪري ثانوي تعليم پرائڻ ويو“ . ڪجھ ڏينهن کان پوءِ کيس اي ڊي اي او جي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو. صاحب سمورا سرٽيفڪيٽ ٽيبل تي رکندي کائنس پڇيو ته هن اهي غلط ڇو ڀريا آهن. بقول سندس ته مون کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي ٻڌايو ته اڳ واقعي ٻار پنج درجا پاس ڪري انگريزي پڙهڻ ويندا هيا جو انگريزيءَ جي تعليم ڇهين درجي کان پاڙهي ويندي هئي پر هاڻي ته انگريزي تعليم پرائمريءَ کان ئي ڏني ٿي وڃي پوءِ اسان جو اهو ريمارڪ ته صحيح نه ٿيو، پر سندس ان عقلي ۽ منطقي جواب کي رد ڪندي لڪير جي فقير بڻيل آفيسر صاحب اهي سمورا سرٽيفڪيٽ رد ڪندي کيس حڪم ڏنو ته اهي پراڻي ۽ روائتي انداز ۾ ڀري کڻي اچي. مون کي انوقت اهو لطيفو ياد آيو هو ته ” انگريزن جي دؤرِ حڪمراني ۾ ڪنهن گوري صاحب پنهنجي ڪنهن ديسي منشي صاحب کي ڪجھ پنا نقل ڪري ڏيڻ لاءِ ڏنا. منشيءَ کي هڪ صفحي تي هڪ مئل مَکِ نظر آئي، سو ڇا ڪيائين ته هڪ ٻي مَکِ پڪڙي نقل ڪيل پنن جي ساڳي صفحي جي ساڳي جاءِ تي چنبڙائي آخر ۾ نوٽ لکيائين ته ” سر ڪاپي ٽو ڪاپي، مکي ٽو مکي“
تعليمي شعبي سان واڳيل هوندي سالن جي ذاتي تجربي جي آڌار تي مون کي اهو چوندي ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي ته پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽين تائين انتظامي شعبن تي مستقل مالڪي رکندڙ جيڪي ڪامورا آهن، انهن مان اڪثريت جي ذهني سطح انگريزن جي دؤرن ۾ مٿي بيان ڪيل منشين کان ڪا گھڻي مختلف ناهي. اهي پاڻ ته ڪو چــڱو، بهتر ۽ تخيلقي ڪم ڪرڻ جي قابل ئي نه آهن پر اهي جيڪي وقت ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي ڪجھ ڀليون، ڪارائتيون ۽ ضروري ڳالهيون پنهنجن ادارن ۾ متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون وٺندا آهن ته اهي روائتي ڪامورا کين اهڙي ڪنهن ڪارائتي ڪم ڪرڻ جي نه رڳو اجازت ناهن ڏيندا، پر ويتر کين ائين ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. ڪجھ ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪجھ دوستن هڪ تعليمي اداري ۾ شاگردن ۽ استادن کي هڪ بين الاقوامي اداري جي تعاون سان ٽي بيءَ جي مرض کان بچاءُ ، ان جي علاج ۾ مڪمل تعاون جي حوالي سان هڪ پروگرام رٿي صاحب کان اجازت گھري ته کين اجازت ته نه ڏني ويئي ويتر ان سائين مٿي عملدارن کي ٽيلفون کڙڪائي اهڙي ڪنهن ڪارائتي سرگرميءَ جي مخالفت ڪرڻ کي به مناسب سمجھيو. اهڙا کوڙ سارا مثال هر جاءِ تي آسانيءَ سان ملي سگھن ٿا. اسان جي تعليمي ادارن ۾ ته محض استاد فوڪس ڪلاس هلندا آهن، جنهن ۾ سڀ ڪجھ استاد ئي هوندو آهي، اهو ئي سبق ڊڪٽيث ڪرائيندو آهي، سوال لکي انهن جا حل به ڳولهي ڏيندو آهي، سبق پڙهي انهن جون سمجھاڻيون به ڏيندو هلندو آهي. يعني ته استاد ته سرگرم رهندو آهي باقي شاگردن کي ڪجھ ڪرڻ جي اجازت ئي ناهي هوندي. ويتر شاگردن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه کي به منفي انداز ۾ ڏسندي ان کي نظم وَ ظبط جي ڀڃڪڙي سمجھيو ويندو آهي. دنيا اندر هلندڙ تعليم ان طريقه ڪار کي ڪڏهن جو خيرآباد چئي ڇڏيو آهي، پر سنڌ جو استاد باوجود گھڻن ئي سکيائن ملڻ جي به ان روائتي طريقن مان جان اڃا آجي نه ڪري سگھيو آهي. ڪجھ وقت اڳ منهنجي هڪ دوست استاد ٻڌايو پئي ته هن ان نموني جڏهن ڪلاس ورتا ته سالن کان ڪتابن ۽ ڪلاسن کان اوپرو بڻيل استادن مٿن منفي تبصرا پئي ڪيا.
گذريل دؤر حڪومت ۾ يورپ جي هڪ ملڪ جي تعاون سان تعليم جي ترقيءَ لاءِ استادن جي سکيا جو هڪ جامع پروگرام جوڙيو ويو هو، جنهن تحت ماسٽر ٽرينرس جي سکيا ڪرائي ويئي هئي. ان ۾ جيڪي ماسٽر ٽرينرس لاءِ ماڻهون چونڊيا ويا هيا انهن ۾ استادن سان گڏ هوٽلن جا بيرا، سپاهي، آفيسن جا ڪلرڪ، ۽ ويندي ڪن مئڊمن جون مئٽرڪ پاس ڇوڪريون به شامل هيون جن کي جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استادن جي سکيا لاءِ ٽرينگ ڏني ويئي هئي. جيڪو صاحب ان اداري جو ڊاريڪٽر هيو، سکيا جي هر فيز ۾ اڌ سندس ذات وارا هوندا هيا.
مون اڪثر ڏٺو آهي ته بورڊ کان وٺي يونيورسٽي تائين، اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين جيڪي به سڻڀا انتظامي عهدا آهن انهن تي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن جي ذهنيت ڪفن چورن واري آهي. سندن ترجيحن ۾ تعليم ، ڄاڻ، ٻولي، پائيدار ترقي، تاريخ، جاگرافي، ثقافت ته ڪڏهن رهيا ئي نه آهن، ويتر هو انهن ڳالهين کي فضول سمجھندا آهن. پر هو ڪجھ ٻين ڳالهين ۾ ڏاڍا ماهر آهن. مٿين سطح جي آفيسرن، بااثر ڪامورن ۽ اقتداري ڌر جي سياستدانن کي رام ڪرڻ سندن کٻي هٿ جو کيل آهي. ان ڪم ۾ سندن مقابلو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هو ان سلسلي ۾ هر حد پار ڪري وڃڻ کي به ڪو عيب ناهن سمجھندا.
گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته هڪ انڪواري اسان واري ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ ٿي هئي. خيرپور گرلس ڊگري ڪاليج جي هڪ عورت پروفيسر مٿن مڙهيل پرنسپل صاحبه جي روين تي ڳوڙها ڳاڙيندي بيان ڪندي بڌائي رهي هئي ته ” سندن باس شهر جي عياش ۽ بااثر ماڻهن کي پنهنجي آفيس ۾ ويهاري، کين اتي گھرائي ساڻن تعارف لاءِ چئي ٿي ۽ انوقت کين منهن مٿو ڍڪڻ جي اجازت به نه ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن ڪا پروفيسرياڻي سندس ان بي حيائيءَ تي ٻڌل حڪمن جي انڪاري ٿيندي آهي ته کيس اتي جو اتي بي عزتي سهڻي پوندي آهي. ياد رهي ته اڳتي هلي ساڳي پرنسپل صاحبه ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪندي وڃي اي ڊي او ايڊوڪيشن جي سيٽ تي پهتي هئي.
ڪجھ سال اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ ضلع ناظم جي آفيس ۾ هڪ پياري وڪيل دوست جي ڪم سان وڃڻ ٿيو هو. اتي مون ڏٺو ته هڪ اي ڊي اي او تعليم ڏاڍ.و با ادب بيٺو هيو، سندس منهن مبارڪ تي انڪساري، نماڻائيءَ ۽ عاجزي جا عڪس نمايان هيا. ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ خاطر ناظم صاحب پنهنجي ڦرڻي ڪرسي جنهن پاسي پئي ڦيرائي ته ناظم صاحب جي توجه حاصل ڪرڻ خاطر هو دوست به سندس سامهون ٿي وڃي پئي بيٺو. صاف نظر اچي رهيو هيو ته ناظم کيس ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري رهيو هيو، شايد سندس ڪنهن ڪيل عمل مان خوش نه هو. خبر ناهي هو اسان کان گھڻو اڳ اتي پهتل هو پر ناظم صاحب جي اٿڻ تائين هو پورو ڪلاڪ ساڳيءَ ڪرت ۾ لڳو رهيو ۽ جڏهن ناظم آفيس کي الوادع چئي اچي پنهنجي شاندار اڇي رنگ جي پراڊو ۾ ويٺو ته اسان جو اهو تعليمي آفيسر گاڏيءَ جي ان پاسي تيستائين ڄميل بيٺو رهيو جنهن پاسي صاحب جن ويٺا هيا جيستائين سندس گاڏيءَ جي ڌوڙ به فضا ۾ پکڙجي نه ويئي. هت هرو ڀرو اهو ٻڌائڻ جي ڪا خاص ضرورت ناهي ته ساڳئي آفيسر جو رويو پنهنجي هيٺيان ڪم ڪندڙ استادن سان ڪنهن هٽلر کان گھٽ نه هوندو هو.
مان ڪراچيءَ کان بدلي ڪرائي جڏهن سکر جي ڪاليج ۾ جوائننگ ڏني هئي ته ڪاليج جي پرنسپل جي ڪرسي خالي پئي هئي، پرنسپل جي ٽيبل ڀرسان هڪ پاسي جيڪو صاحب ويٺو هيو ان لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو انچارج پرنسپل آهن. جيئن ته اهي بااصول انسان آهن ۽ کين مڪمل چارج مليل ناهي ان ڪري هو پرنسپل جي ڪرسيءَ تي ويهڻ مناسب نه ٿا سمجھن. منهنجي اتي پوسٽنگ کان ڪجھ عرصو اڳ قومپرستيءَ جي نالي ۾ سياست جي آڙ ۾ داداگيري ڪندڙ ڪن شاگردن ساڻس ڪا بدتميزي ڪئي هئي. ان ڳالهه جو اسان جي
” اصول پسند“ پرنسپل صاحب تي اهواثر ٿيو ته پاڻ هڪ اصول جوڙي پوريءَ ايمانداريءَ سان رٽائر ٿيڻ تائين ان تي عمل ڪيائون ته؛ نو اسٽوڊنٽ نو پرابلم.
NO STUDENT NO PROBLEM
موصوف ان ڳالهه جي ته پرواهه ئي نه ڪندا هيا ته شاگرد آيا، يا نه آيا، ڪلاس هليا يا نه!
ان زماني جي ئي ڳالهه آهي ته اسان جي ڪاليج ۾ ڪجھ سپلا جا ساٿي ووٽ وٺڻ لاءِ آيا هيا جن ۾ هڪ پروفيسر اهڙو به هيو جيڪو هاڻي هن فاني جهان ۾ نه آهن، الله تبارڪ وَ تعلى سندس مغفرت ڪري ڏاڍي فخر سان ٻڌايو هيائون ته هن زندگي ڀر ڪو ڪلاس ته ورتو ئي ناهي!!!
يونيورسٽين ۾ اوهان کي اهڙا ڊاڪٽر پروفيسر عام جام ملندا جيڪي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ پڙهائڻ کي عيب سمجھندا آهن، ڪاپين جي چڪاس کان وٺي ٽيبيوليشن ڪرڻ سندن محبوب مشغلا نوٽ ڪيا ويا آهن. اسان جي ضلعي جو هڪ انتهائي ملنسار، سوشل، کلڻو ملڻو ، خوش پوش ۽ مهربان پروفيسر هيو. امتحاني سيزن ۾ ۽ بعد ۾ جڏهن ڪاپيون چيڪ ٿينديون هيون ته کيس پَرَ لڳي ويندا هيا. وٽس پئسي وارن، سياستدانن، ڪامورن جي ٻارن جي نالن ۽ سيٽ نمبرن جي ٻڌل اٺ جي آنڊي جيڏي وڏي ڊگھي لسٽ هوندي هئي. شايد سندس ”اهڙين خذمتن“ جو اثر هو ته کيس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي هڪ وڏي اداري ۾ سڻڀي سيٽ ڏني ويئي هئي.
اتر سنڌ جي واحد يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن سنڌ جي هڪ نالي واري ليکڪ کي وي سي ڪري رکيو ويو هيو ته سندس ئي دؤر ۾ شادي شهيد ڪيمپس جي نالي ۾ نَو ڪروڙ روپيا زيان ٿيا هيا ۽ اهو سنڌ جو ”ڏاهو“ وي سي صاحب ڪن بااثر سياستدانن، انهن جي چمچن، ڪجھ صحافين کي راِضي پاضي رکڻ لاءِ ڪجھ ملازم ڪانٽريڪٽ ڏيکاري ڪاڳرن پٽن تي چاڙهي چڏيندو هيو ۽ انهن جون پگھارون اهي ماڻهون کڻندا هيا. ڪجھ وقت اڳ تائين يونيورسٽيءَ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بڻيل ٻئي هڪ وي سيءَ جيڪا ان جي ڀينگ ڪئي شايد سندس رڪارڊ ٻيو ڪو ٽوڙي نه سگھي.
هڪ پاسي اهي عمل هيا ٻي پاسي يونيورسٽين ۾ قابل نوجوانن جي ڀرتي ڪرڻ تي جهڙوڪر پابندي لڳائي ويئي هئي. ڊاڪٽر فيروز احمد جهڙي يگاني عالم کان وٺي سائين تنوير عباسيءَ جي لائق فرزند سرمد عباسيءَ ۽ ڊاڪٽر نواز هڪڙي کان سواءَ ٻين به گھڻن ئي انمول انسانن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ انوقت جي ويٺل عملدارن ٺڪرائي ڇڏيو هيو. اهڙن ئي ڪامورن حليم بروهيءَ جهڙي انسان کي دماغي مريض ڄاڻائي نوڪري مان خارج ڪري ڇڏيو هيو. هن وقت به صورتحال ڪا گھڻي مٽيل ناهي. پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين سياسي مداخلت چوٽ چڙهيل آهي. ننڍي کان ننڍي نوڪري کان وڏي کان وڏي پوسٽ ميرٽ تي ڏيڻ بجاءِ سياسي لڳ لاڳاپن کي نظر ۾ رکي تعنياتي ڪئي پئي وڃي. اڄ ڪلهه قابليت مان مراد اها ٿي ورتي وڃي ته اوهان جا اقتداري ڌر جي بااثر سياستدانن سان ڪيترا ويجھا تعلقات آهن.
هڪ ڳالهه بهرحال طئي آهي ته ڪوبه ملڪ يا ڪابه قوم تيستائين ترقي ڪري ئي نه ٿا سگھن جيستائين ان جو تعليمي نظام سگھارو نه آهي. تعليمي نظام سگھارو تڏهن ٿيندو جڏهن استاد قابل هوندا، جڏهن انتظاميه اهل ۽ پنهنجي ڪم ۾ ماهر ۽ ڀڙ هوندي، جڏهن ملڪ جو سياسي نظام تعليمي ماحول کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو مثبت رول ادا ڪندو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه جيڪي به اسٽيڪ هولڊر آهن انهن جي وچ ۾ مؤثر رابطي جي نظام سان گڏ اعتماد جي فضا قائم ٿيل نه هوندي. اچو ته اهڙي ماحول کي پيدا ڪرڻ لاءِ سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
ڪجھ وقت اڳ جڏهن هڪ وڊيو منظرِعام تي آيو هيو، جنهن ۾ ڪجھ وحشي قسم جي انسانن هڪ نوجوان ناريءَ کي بيدرديءَ سان ڪوڙا پئي هنيا ته ان قسم جي عمل جي سڄي دنيا جي عوام تمام گھڻي نندا ۽ مذمت ڪئي ۽ اهڙي عمل ڪري جيڪا بدنامي اسلام جي ٿي هئي اهڙي اسان جي پياري مذهب جي بدنامي ته سندس دشمن به نه ڪري سگھيا هيا .
ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته نياڻيءَ جي عزت، وقار، احترام جون سرِعام ڌڄيون اڏاريندڙ اهڙن وحشي ۽اسلام دشمن ۽ انسانيت دشمن عنصرن کي اسلام کان خارج ڄاڻائي کين مذهبِ اسلام جو دشمن نمبر ون چئي سندن نندا ڪئي وڃي ها پر ائين ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ ته ڪڏهن ٿيو ئي ناهي، جيئن ته اهو سڄو ڪلور ئي مذهب ۽ اسلام جي نالي ۾ ڪيو ويو هيو ته ان ڪري ان پيماني تي مذهب جو نالو بدنام ڪرڻ وارن جو وار به ونگو ڪونه ٿيو. هونئن به پياري پاڪستان ۾ انهن ماڻهن خلاف ڪڏهن ڪا ڪاروائي ته ٿي ئي ناهي. جن تي دهشت گردي جا وڏي ۾ وڏا الزام آهن. هن ملڪ کي زوري ٽوڙيندڙ ۽ بنگال جي وڏي ٻانهن ڪٽي اڇلائيندڙ، جن سرعام اهو پئي چيو ته ”کين بنگال جي زمين کپي، ماڻهون نه کپن“ يا اهڙا بزدل جنرل جن وقت اچڻ تي دشمن سان وڙهڻ کان ته نابري واري ڇڏي هئي پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي فتح ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايو هيو انهن خلاف ڪهڙي ڪاروائي ٿي سگھي آهي. هتي جيڪي ڏاڍو سو گابو هوندو آهي، بس انهن سڀني مامرن ۾ جيڪو عام ماڻهون مرندو آهي يا زليل خوار ٿيندو آهي يا دربدر ٿيندو آهي، ته ان جو ڪوبه تدارڪ ناهي ٿيندو. جن ماڻهن تي پاڪستان يا هندستان يا ڪشمير يا افغانستان ۾ دهشت ڦهلائڻ جا الزام لڳل آهن اهي ته هتي وڏي ٺٺ ٺانگر جي حياتي گذاري رهيا آهن. پر هڪ ڳالهه طئي آهي عام ماڻهون کانئن نفرت ٿو ڪري، اهي اهڙن مان ڪنهن کي به پسند نه ٿا ڪن جيڪي مذهب يا ڪنهن ٻئي نالي سان بي گناهه انسانن جو خون ٿا وهائين. مٿي ٻڌايل واقعي تي به سڄي دنيا سان گڏ پاڪستاني عوام به اي ميل ۽ ايس ايم ايس ذريعي وڏي پيماني تي پنهنجي شديد نفرت جو اظهار ڪيو هيو.
سرحدي علائقن ۾ جتي اهي طالبان مظبوط آهن کي ڇڏي، باقي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جتي عوام جي باشعور هئڻ ڪري انهن جي دال نه ٿي ڳري ته بظاهر اهي مذهبي ڌريون جيڪي پاڻ کي طالبان واري طرز اسلامي عملداريءَ جو مخالف ظاهر ڪندا آهن، پر سندن اندر جي ڳالهه اها ئي هوندي آهي ته ڪاش ڪي ڏينهن هتي به اهڙا اچن ته اهي به باقي ملڪ جي ماڻهن کي ان نموني ڪٽي، سٽي، ڏنڊي جي زور تي پنهنجي ملان ازم کي لاڳو ڪن(ياد رهي ته ان وائڙي قسم جي ملان ازم جو اسلام يا اسلامي نظام سان پري پري جوا واسطو به ناهي) پرفي الحال اهي ڪم ساڳي انداز ۾ هتي ڪرڻ کان ته قاصر آهن پر اڃا انهن آسرو ڪونه پليو آهي ۽ اهي ڇپ هنيو ان انتظار ۾ ويٺا آهن ته جڏهن سندن اهي ملان جن ملڪ جي اترين علائقن ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي اهي اتي پنهنجا پير ڄمائي ويٺا ته کانئن مدد وٺي هو به ساڳيو عمل هتي ورجائيندا. مان اها ڳالهه ڪا سنسني ڦهلائڻ لاءِ ڪونه ٿو لکان، پر جي ڪٿ ڪنداسين ته خبر پوندي ته اسان وارن هتي ويٺل ”يارن“ کان اهو ته ڪونه پڳو ته اهي به عوام جي اڪثريتي راءِ سان سهمت ٿيندي، انهن وحشي صفت آدم خورن جي انسانيت خلاف ان عظيم ڏوهه جي مذمت ڪن ها ويتر هنن انهن جي ان عمل کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هڪ ٻي اسٽوري گھڙي بازار ۾ آندي ته اهو سڄو ڪم ته اين جي اوز جو آهي، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن تي هنن اهو به الزام ڌريو ته انهن اسلام آباد جي ڳاڙهي مسجد واري واقعي جي ته مذمت نه ڪئي هئي باقي هن معاملي ۾ اهي اڳ اڳ آهن، بس هنن اهو گھڙيل الزام هڻي، اسلام جي خلاف بدترين ڏوهه ڪرڻ وارن کي ان نموني آجو قرار ڏيڻ شروع ڪيو هو.
چوندا آهن ته معصوم ٻار جو اندر ۽ ٻاهر هڪ جهڙو هوندو آهي هو مختلف لقائن، واقعن کي جيئن ئي ڏسندو آهي ته جيئن سندس سوچ هوندي آهي ظاهر ڪندي دير ناهي ڪندو، حقيقت ۾ ان کي ئي معصوميت چيو ويندو آهي. اچو ته سوات جي هڪ معصوم ٻار جي گواهي ٿا وٺون ته هوءَ انهن واقعن جو ڏوهاري اين جي اوز، سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن کي ٿي ڄاڻائي يا اهي اڃا ڪي ٻيا آهن. هي هڪ اهڙي ٻارڙي آهي جيڪا سخت خوف ۾ ورتل آهي، پنهنجو نالو به نه ٿي ٻڌائي ته پنهنجي جنس لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪئي اٿس، هن اها سڄي وارتا هڪ خط ذريعي بيان ڪئي آهي جيڪا بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام تي موجود آهي اچو ته ان کي جيئين جو تيئين پڙهڻ جي ڪوشش ڪريون.
” منهنجو نالو…..نه نه مان پنهنجو نالو نه ٻڌائينديس، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته نالو ته پري جي ڳالهه آهي مان ته ڪنهن غير ڏانهن اک کڻي به ڏسي نه ٿي سگھان. هونئن منهنجي عمر ٻارنهن سال آهي. عمر ٻڌائڻ سان ته اها خبر نه پوندي آهي ته مان ڪير آهيان.
ها ته مان چئي رهي هيس ته مان پاڻ متعلق ڪجھ به نه ٻڌائينديس، بس اوهان کي ڪجھ چونديس، ٿي سگھي ته اوهان منهنجي ڳالهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو.
منهنجو تعلق سوات سان آهي، هتي وري ساڳي ڳالهه، مان اوهان کي پنهنجي علائقي جو نالو به نه ٻڌائينديس، نه ته اوهان بندوقَ کڻي اسان جي علائقي جي معصومن کي تنگ ڪندا، ٿي سگھي ٿو ته هڪ ٻن جي جي منڍي به وڍي ڇڏيو، اوهان کي ته ان کان خوف به ناهي ٿيندو، منهنجو ته لکندي به ساهه مٺ ۾ آهي.
ها ته مان چئي رهي هيس ته منهنجي عمر ٻارنهن سال آهي۽ منهنجو اسڪول وڃڻ بند ڪرايو ويو آهي، منهنجي والد چيو آهي ته اوهان ماڻهن يعني سوات جي طالبان هڪ حڪم جاري ڪيو آهي ته ڇوڪرين جا اسڪول پندرهين جنوري کان بند ڪيا پيا وڃن، جيڪا به اسڪول ويندي اها قتل ڪئي ويندي.
سياري جي موڪلن کان اڳ اسان جي ٽيچر اسان جي ڪلاس کي چيو هيو ته اسان سڀ نئين سال ۾ هڪ مضمون لکي کڻي اچون جنهن ۾ اسان لکي کڻي اچون ته گذريل سال ڪيئن گذريو، منهنجي ٽيچر انگريزيءَ ۾ ان کي ايئر اينڊر چوندي آهي.
پوءِ اوهان جو هي حڪم اچي ويو، هاڻي مان ڇا لکان. منهنجي ته ايئر اينڊر کان اڳ ئي تعليم جي اينڊ (پڄاڻي) ٿي ويئي آهي. مون وٽ لکڻ لاءِ ته گھڻو ڪجھ آهي پر ان جو ڪهڙو فائدو.
اوهان مون کي ٻڌايو ته اوهان جي اسان سان ڪهڙي لڙائي آهي، اوهان آمريڪا سان وڙهي رهيا آهيو، ٺيڪ آهي، پاڪستان جي پوليس ۽ فوج سان وڙهي رهيا آهيو، ٺيڪ آهي، ٿي سگھي ٿو انهن اوهان کي ڪو نقصان پهچايو هجي، پر مون کي ٻڌايو ته اسان اوهان جي نُنهنِ، ڌيئن، ڀينرن، مائرن اوهان جو ڇا بگاڙيو آهي. اسان ته ننڍي عمر ۾ ئي اوهان جو گھر هلائڻ ٿا شروع ڪري ڏيون، ٿانوَ ڌؤئون ٿيون، ڪپڙا ڌؤئون ٿيون، کاڌا رڌڻ، هر شي ڪنديون آهيون ۽ اوهان آهيو ته پهريون اسان جا اسڪول پيا ساڙيو ۽ هاڻي اسان جو اسڪول وڃڻ به بند ڪري ڇڏيو اٿوَ.
ڪهڙي ڳالهه خراب هئي جي اسين ڪجھ سکي رهيون هيون سين، منهنجي ٻالڪپڻ کان اها خواهش رهي آهي ته ( ۽ هاڻي به مان ايتري وڏي ته نه ٿي آهيان جو خواهش ئي نه ڪريان) مان وڏي ٿي ڊاڪٽر ٿيان. مون کي خبر آهي ته اهو مشڪل آهي پر منهنجي اندر جي ڇوڪري مون کي حوصلو ڏئي ٿي ته ائين ممڪن آهي. اسان جي علائقي مان پهريان به هڪ ڇوڪري ڊاڪٽر بڻي آهي ۽ اها اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ ڪم پئي ڪري، مان به ان جهڙي ٿيڻ پئي چاهيم، پر مان اسلام آباد ۾ نه پر سوات ۾ ئي ماڻهن جي خذمت ڪرڻ پئي چاهيم، پر لڳي ٿو شايد هاڻي اهو ممڪن نه آهي. مون کي ٻڌايو ته جي اوهان اسان جي تعليم جا مخالف آهيو ته جڏهن اوهان جون مائون ڀيڻون بيمار ٿينديون ته ڇا اوهان انهن جو علاج مرد ڊاڪٽرن کان ڪرائيندا يا شايد انهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا ۽ جي اهي سڀ مري ويون ته پوءِ؟! شايد اوهان وٽ ان سوال جو جواب نه هجي. مان اوهان کي مشڪل ۾ به وجھڻ نه ٿي چاهيان، اوهان ڀلي جواب نه ڏيو پر مان صرف اها ٿي چاهيان ته اوهان سوچيو، صرف سوچيو..!
الاهي دفعه منهنجي دل چيو پئي ته شايد اوهان جيڪي ڪجھ چوندا يا ڪندا رهيا آهيو اهو ٺيڪ هوندو، ٿي سگھي ٿو ته آمريڪا تي حملا آمريڪا ئي ڪرايا هجن، ٿي سگھي ٿو ته اسرائيل ۾ يهودي ئي يهودين کي ماريندا هجن، ڀارت ۾ ڀارتي ئي بم ۽ بندوق کڻي بي گناهن کي قتل ڪندا هجن، پر اسڪول ته اوهان ئي بند ڪرائي ۽ ساڙائي رهيا آهيو ني، هي ته آمريڪي، يهودي يا هندو نه پيا ڪرائين.
اسڪول ۾ اسان کي حديثون پڙهايون وينديون هيون ۽ ٻڌايو ويندو هيو ته ” تعليم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي“، ” تعليم حاصل ڪيو پوءِ اوهان کي ان لاءِ چين ولايت وڃڻو پوي“. مان ته بس اسڪول وڃڻ ٿي چاهيان ۽ ان تي به اوهان کي اعتراض آهي.
منهنجي والد صاحب منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي چوڏنهن سالن جي عمر ۾ اسان جي علائقي جي مسجد جي مولوي سان ڪري ڇڏي هئي. پوءِ منهنجو ڀيڻوو جهاد تي هليو ويو ۽ اڃا تائين واپس ناهي آيو. منهنجي والد منهنجي ڀيڻ کي اسڪول نه ڇڏيو هو ڇوته اها سڀني کان وڏي هئي ۽ امڙ کي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. هاڻي هوءَ سترهن سالن جي عمر ۾ هڪ ٻار سان گڏ ڳوٺ وارن پاران مليل ماني ڀور تي زندگي گذاري رهي آهي. اسان جي گھر کان به ڪڏهن ڪڏهن سندس لاءِ ماني ڳڀو ويندو آهي. پهريان ته مان به بابا سان گڏ هلي ويندي هيس، پر هاڻي منهنجو ٻاهر نڪرڻ بند ڪيو ويو آهي، مون کي خبر ناهي هاڻي اها ڪهڙي حال ۾ آهي. سندس وَر جو ڪو اتو پتو ناهي ته ڪٿي آهي، بابا چئي ٿو ته هو زندهه آهي ۽ پهاڙن ۾ رهي ٿو. خبر ناهي پنهنجي گھرواري ۽ ٻارن سان گڏ رهڻ ۾ کيس ڪهڙو مسئلو آهي.
ڪجھ ڏينهن اڳ بابا بازار مان ڪجھ مانيون ڪنهن اخبار ۾ ويڙهي کڻي آيو هيو، ماني کائڻ کان پوءِ اها اخبار اتي ئي پئي رهي. مون ان کي کنيو ۽ پڙهڻ لڳس، پهرين ئي صفحه تي لکيل هو ته مقامي طالبان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته انهن سوات ۾ هڪ سؤ ويهه اسڪول ساڙيا آهن. ان ۾ ڇوڪرين جي اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم به هو. مان ٻيو ته ڪجھ به نه ڪري سگھيس بس اخبار کي ٻرندڙ چلهي ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيم.. آهسته آهسته سڀ لفظ ”طالبان، سوات، ڇوڪريون، اسڪول“ سڀ سڙي خاڪ ٿي ويا. حقيقت ۾ به شايد اهو ئي ٿي رهيو آهي.
اوهان چوندو ته مان گھڻو ٿي ڳالهايان. جيڪڏهن وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهايم ته منهنجي زبان ڪٽي ڇڏيندا، ٺهيو ڪنڌ کي ڇڏي زبان طرف ئي سهي، تشدد ته گھٽ ٿيندو.
هيترو ڪجھ لکي چڪي آهيان، هاڻي جيڪڏهن ڪڏهن ٽيچر ملي به ته شايد ايئر اينڊر متعلق نه پڇي.“
هي هيو هڪ معصوم نياڻي جو پنهنجي دل جي رت ۾ قلم ٻوڙي لکيل خط، ۽ اهو هڪ خط ئي اکين وارن لاءِ ڪافي آهي. هي جيڪي علم، عقل، دليل، ترقي، انساني حقن، جا ازلي ويري آهن اهي ڪهڙي طرح اسلام جي آفاقي آواز جا علمبردار ۽ اڳواڻ ٿي سگھن ٿا. سنڌ صوفين جي اثر هيٺ رهڻ واري ڳالهه ته صحيح آهي پر زندگيءَ سان سلهاڙيل سنگين مسئلن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جا وڏا نقصان ٿي سگھن ٿا. اسان کي اهڙن نام نهاد طالبانن يا ان قسم جون ڳالهيون ڪندڙ تي ڪرڙي نظر رکڻ گھرجي. اسان جا ڪيئي ميسڻا دوست آهن جيڪي اسان سان ته لبرل ٿي ڳالهائيندا آهن پر سندن اندر ۾ اهي ئي ممڙا ملان ويٺل آهن، جن کي هر نئين علم، ٽيڪنالاجي، فلاسافيءَ کان خارش ٿيڻ لڳندي آهي، ته اهڙن سڀني کي نه صرف وائکو ڪرڻ گھرجي پر جيڪڏهن هو ڪا به اهڙي ڳالهه ڪن ته کين هڪدم راهون به روڪي ڇڏجن، ڇوته اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي حفاظت ڪرڻي آهي، انهن کي بگھڙن ۽ چيتن جي خوني چنبن جو کاڄ ٿيڻ هرگز هرگز ناهي ڏيڻو، انهن خلاف اسان کي گھڻ طرفي جنگ ڪرڻ لاءِ هروقت ذهني ۽ جسماني طرح تيار رهڻو آهي.
For More articles please visit my sindhi blog
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
سنڌ ۾ فريز ٿي ويل وقت جو وهڪرو
هي تصوير مون ٽي ڏينهن اڳ سکر کان خيرپور ويندي سکر جي سٽي پوائنٽ وٽ کير ٿر واهه مٿان جڙيل پل تي ورتي هئي. هيءَ ڪا خالي تصوير ناهي اڄوڪي سنڌ جي هڪ پوري ڪهاڻي آهي، ان سائيڪل تي اوهان کي لڳل لائوڊ ته نظر ايندو ئي هوندو، ان لائوڊ کي هلائڻ لاءِ هڪ بيٽري به لڳل هئي ته ان ئي سائيڪل ۾ هڪ عدد ٽيپ رڪارڊر به فٽ ٿيل هو، جنهن تي ان گشتي شفا خاني پاران ماڻهن کي علاج معالجي لاءِ سندن آڇيل خدمتن متعلق رڪارڊ ٿيل ڪيسٽ پئي هلندي رهندي آهي. سنڌ سائيڪلن تي جڙيل اهڙن گشتي شفاخانن سان گڏ ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي هئي ۽ سندس اهو سفر اڄ به ان تي ئي پيو هلي. جيئين تصوير ۾ به نظر اچي پيو ته هي هڪ مڪمل موبائيل اسپتال آهي، جنهن ۾مظبوط سهڻن ڏندن ٺهرائڻ سان گڏ اهو به لکيل آهي ته بواسير، خوني و باديءَ جو علاج تاحيات گارنٽي سان ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوهه خارش، ملئي، دم، سهڪو، شگر ۽ قبض جو به ڪامياب علاج ڪيو ويندو آهي. هن شفاخاني جو نالو ” حيدري شفاخانو سکر “ آهي ۽ ان کي هلائيندڙ ( ڊاڪٽر) ماڻهن کي تڪيلف کان بچائڻ لاءِ پاڻ پنهنجي موبائيل ليبارٽريءَ سان مريضن جي در تي هلي ويندو آهي ۽ کين صحت جون صحولتون پهچائيندو آهي.
اهو ڪو هڪڙو حيدري شفاخانو ته ناهي سنڌ جي هر شهر ۾ اوهان کي اهڙا ڪيئي عطائي حڪيم ملي ويندا جيڪي ان نموني علاج معالجو ڪندا آهن. جي مون کان پڇو ته مان اهو چوندس ان سڄي وهنوار ۾ انهن جو قصور ته آهي ئي ڪونه، رياست جو ڪم هوندو آهي ته ٻين سهولتن سان گڏ پنهنجي شهرين کي صحت جون گھربل سهولتون به مهياڪري ڏئي، پر هت رياست نالي ته ڪا شي نظر ئي نه ٿي اچي. سکر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر ليکيو ويندو آهي، ان جي سرڪاري اسپتالن ۾ وڃو ته اهي جيڪي ”قابل، لائق ۽ ماهر“ ڊاڪٽر صاحبان آهن اهي اتي مريض سان ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي زبان جي استعمال ڪرڻ بجاءَ ڪياڙي سان ڳالهائيندا آهن، پر جي سندن پرائيويٽ ڪلينڪ تي وڃو ۽ سندن فيس ادا ڪريو ته اهي ساڳيا ڊاڪٽر جيڪي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪاسائي لڳندا آهن ڦري انتهائي شفيق، مهربان ۽ مريض دوست مسيحا ٿي پوندا آهن. جيئن ڪورٽن ۾ انصاف جي عدم فراهمي، ۽ هلڪي ڦلڪي ڪيس ۾ زندگي ڳري وڃڻ وارا مامرا ماڻهن کي وڏيرن ۽ سردارن جي درن تي جرڳن جي نالي ۾ خوار ۽ خراب ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن، بلڪل ساڳي نموني ماهر، پڙهيل لکيل سرڪاري ڊاڪٽرن جي لاپرواهي، بي حسي، ڪٺورتا ۽ ڪاسائڪي ڪار ماڻهن کي انهن عطائي حڪيمن سان رجوع ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن جيڪي هرمرض جو ڪامياب علاج جي دعواه ته ڪندا آهن پر سندن فيس به واجبي هوندي آهي.

ماڻهون چوندا آهن ته وقت ۽ وير ڪڏهن به ناهن رڪجندا، اهي اسان سان ڪوڙ ٿا ڳالهائين سنڌ ۾ وقت ڪڏهن جو فريز ٿيل آهي ان جي ثبوت لاءَ اوهان سکر جي گھنٽا گھر هليا وڃو، نالو گھنٽا گھر آهي، نه ته ڪو گھڙيال آهي نه ئي ڪو ڪانٽو، جتي ڪنهن زماني ۾ گھڙيال لڳل هوندا هيا، اتي اڄ سکر جي” دل ۽ جان“ سان ”خذمت“ ڪندڙ اڳواڻن جا ڦوٽا لڳل آهن. يعني ته ماڻهن کي وقت جي ڪانٽن تي نظر رکڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، بس سندن نظرن ۾ سندن اڳواڻ ضرور هجن. سکر ۾ جي وقت جو وهڪرو جاري هجي ها ته ان جا چئن سالن کان اڊڙيل روڊ ضرور ٺهي وڃن ها، ۽ انهن تان دز، مٽي جا طوفان اٿي شهر واسين کي کنگھ ۽ سلهه جهڙين موزي مرضن ۾ مبتلا نه ڪن ها،

جي وقت جو وهڪرو جاري وَ ساري رهي ها ته ماڻهون جري نلڪن جي سينکيو ورتل پاڻي ۽ ميونسپل جي گاري نما پاڻي واپرائڻ کان ڪڏهن جو جند آجي ڪري وٺن ها، جي وقت جو وهڪرو هلندڙ هجي ها ته سنڌ جي هن ٽين وڏي شهر جي خوبصورتيءَ جو نالو نشان مٽائڻ خاطر ان کي بي رحم بلڊر مافيا ۽ سرڪار پلاٽن تي قبضو ڪندڙ غنڊا راڄ جي حوالي نه ڪيو وڃي ها….
آهي ڪو دودو، دريا خان، آهي ڪو ذالفقارعلي ڀٽو، بي نظير صاحبه، آهي داد فرياد ٻڌڻ وارو، اوهان کي ڪو، جي اهڙو ماڻهون ملي وڃي ته اسان کي اطلاع ضرور ڏيندا………….؟؟؟؟؟!!!!
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
چونڊيل نمائندا ۽ ڪالم نگار
هنوقت جيڪڏهن سنڌ مان صوبائي توڙي قومي اسمبليءِ کان وٺي سينيٽ تائين جيڪي سنڌجا نمائندا ويٺا آهن، انهن جي ڪارڪردگيءَ جو هلڪو ڦلڪو جائزو به وٺنداسين ته سواءِ مايوسيءَ جي ڪجھ به پلئه نه پوندو. اسان جي چونڊيل نمائندن مان اڪثريت اهڙن تي مشتمل آهي جيڪي اسمبليءَ جي فلور تي ڳالهائڻ بدران ننڊو ڪندا آهن، ۽ جي ڳالهائيندا به آهن ته اهو ڀوڳ ٺڪاءُ وارا جملا هوندا آهن جيڪي انهن جي منهن مبارڪ تي ناهن سونهندا. اهي نه رڳو اسمبلين ۾ نه ٿا ڳالهائين پر ماڻهن سان ميل جول ۾ پڻ انتهائي ڪنجوس ۽ ڪٺور ڏٺا ويا آهن.
پر ٻيا جيڪي ٿورڙااهڙا، اسان جن لاءِ چوندا آهيون ته اهي تمام سٺا نمائندا يا اڳواڻ آهن ته ان مان اها مراد ورتي ويندي آهي ته موصوف پنهنجي تڪ، صوبي ۽ پوري ملڪ جي ماڻهن جي زندگيءَ سان سلهاڙيل انتهائي اهم اسمن کي نه صرف ايوانن تائين کڻي انهن متعلق پاليسي ساز ادارن کي مجبور ڪندا آهن ته ان مسئلي بابت حقي ۽ واجبي پاليسيون جوڙين، ۽ ان سان گڏ اهي ماڻهن جي عام زندگين ۾ جيڪي تڪليفون، اهنج، ايذاءُ آهن انهن جي تدارڪ لاءِ پڻ ڏينهن رات هڪ ڪري کين سڪون ۽ آرام پهچائڻ واري پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان انجام ڏيندا آهن. اسان مان گھڻن کي اهو مشاهدو هوندو ته تمام گھٽ نمائندن ۾ اهي ٻه ئي خوبيون گڏو گڏ ڏٺيون ويون آهن. ڪجھ پڙهيل لکيل نمائندا اسمبلين ۾ ته ڀرپور نموني پنهنجي عوام، تڪ، قوم جي نمائندگيءَ جو حق ادا ڪندا آهن پر انهن ۾ وري هڪ ٻي خرابي اها نوٽ ڪئي ويئي آهي ته اهي عام خلق سان ملڻ انهن جا مسئلا ٻڌڻ، انهن جو ڪو کڙتيل ڪڍي ڏيڻ وارن ڪمن کان ائين لنوائيندا آهن جيئن ڪانوُ ڀڄي ڪمان کان. جڏهن ته ڪجھ اسان جا نمائندا اهڙا آهن جن کي اسان ڏٺو آهي ته اهي اسمبلين جي فلور تي ته گھٽ سرگرم هوندا آهن پر ماڻهن جي مسئلن جهڙوڪ نوڪرين ڏيارڻ، روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇائڻ، ڳوٺن کي بجليءَ جي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ، ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ضرورت آهر تعليمي ادارن جون جايون جوڙائي مهياڪري ڏيڻ، عام ماڻهن کي پوليس ۽ ٻين سرڪاري عملدارن جي پيدا ڪيل آزارن مان جند آجي ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ، سندن مالي معاونت ڪرڻ جهڙا ڪم ڪندا آهن.
پاڻ وٽ ڄڻ ته هڪ اصول طئي ٿيل هوندو آهي ته پڙهندڙ هر ان لکاريءَ کي اصول پسند چوندا آهن جيڪو حڪمران طبقي تي تنقيد ڪري، اها ڳالهه ڪنهن حد تائين جائز به آهي. پر هڪ اصول پسند ۽ ايماندار صحافيءَ توڙي ڪالم نگار جو اهو ڪم به هئڻ گھرجي ته هو اجائي تنقيد ۽ وڌائي چڙهائي ڪنهن جي تعريف کان پاسو ڪندي حڪمران ٽولن مان جيڪو به ماڻهون خراب، سنڌ دشمن، عوام دشمن ڪردار ادا ڪري ته ضرور به ان کي وائکو ڪرڻ گھرجي، اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن آئنده ٻيو ڪو اهڙي ڪم ڪرڻ کان اڳ سؤ دفعا سوچي ته سندس اهو عمل ککڙ ۾ کڙو ثابت ٿيندو. بلڪل ساڳي نموني اسان کي انهن اڳواڻن يا چونڊيل نمائندن جي تعريف ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ گھرجي جيڪي ڪو چڱوڪم سرانجام ڏيندا هجن، اهو به ساڳي نموني سان ٻين کي اتساهه ڏيڻ جو عمل آهي ته ڏسو فلاڻي جيڪو سٺو عمل ڪيو ته سندس هر جاءِ تي واهه واهه ٿي ويئي آهي، ته کيس به ائين ڪري پنهنجو نالو ڪڍرائڻ گھرجي.
ان قسم جي ڪسوٽيءَ تي جيڪڏهن تازو ئي سنڌ مان چونـڊيل سينيٽ جي ميمبرن کي پرکجي ٿو ته ڇا ٿو نظر اچي، سينيٽ جو چئرمين صاحب به سنڌ جي ڪوٽا تان آيل آهي، کيس ڪو گھڻو وقت ته ان سيٽ تي ويٺي ناهي گذريو پر پوءِ هيل تائين سندس پاران سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو خاص وڏو ڪارنامو ظاهر ٿي نه سگھيو آهي. ملڪ جو وزير داخلا محترم رحمان ملڪ به سنڌ جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي پنهنجي صلاحڪاريءَ کي مڪمل وزارت ۾ تبديل ڪرائي سگھڻ جهڙو ٿيو آهي، سندس پاران به سنڌ لاءِ اڃا تائين ڪجھ به نه ملڻ جو ڳالهيون عام آهن، ها البت ٿر جي مردم خيز واري جي ڀٽن مان سياست جي ريگستان کي لتاڙي پنهنجو راهون ٺاهيندڙ کٽو مل سائين پاڻ ضرور موکيو آهي ۽ هن سنڌ جي حقيقي نمائندگي ڪندي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن سان روا رکيل ٻه اکيائي متعلق سينيٽ جي فلور تي بي باڪيءَ سان آواز اٿاريو آهي، جنهن تي هو جس لهڻي، سنڌ جا ماڻهون کانئس اميد ٿا رکن ته سنڌ واسين سان هر مد ۾ ٿيل ويساگھاتين، ارهه زوراين ۽ ناجائزين جي ازالي لاءِ اهي هاڻ وانگر اڳتي به آواز اٿاريندا رهندا.
سنڌ جو هڪ ٻيو نمائندو به آهي جيڪو قومي توڙي صوبائي اسمبلين جي ايوانن ۾ چونڊجي ايندو رهيو آهي، اهو آهي محترم منظور حسين وساڻ صاحب. منظور صاحب هنوقت سنڌ ۾ ڪيميونيڪيشن ورڪس جا وزير آهن. سندس مشهوري ان ڳالهه جي آهي ته پاڻ ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ جا ماهر ليکيا ويندا آهن. اسمبليءَ جي فلور تي پڻ سرگرم ته رهندا آهن پر سندن اصل سڃاڻپ اها آهي ته اهي پنهنجي تڪ، ضلعي، توڙي پوري صوبي ۾ سندن لاڳاپيل کاتي جي ڪمن ڪارين ڪرائڻ ۾ انتهائي ڦڙتي ۽ چستيءَ جو مظاهرو ڪندا آهن. اهي پنهنجي تڪ جي اڪثر ماڻهن کي ناليوار سڃاڻندا آهن، ۽ ڪنهن وڏيري معرفت ڪم ڪرڻ بدران ماڻهن سان سڌي سنئن نموني پاڻ هروقت رابطي ۾ رهندا آهن، سندس دسترخوان انتهائي ڪشادو آهي، جت هر آيل ماڻهونءَ کي عزت سان مهماني سان نوازيو ويندو آهي. وسيع دسترخوان کان به سندس وڏي دل آهي ۽ عام ماڻهن، يتيمن، بيواهن، بيروزگارن جي مدد ڪندي سندس هٿ ڪڏهن به ناهن ڏڪندا. هن ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي، سندس ڳوٺ پير گڊو، خيرپور شهر ۽ اسلام آباد ۾ اطاقون قائم ڪري رکيون آهن، جتي هر وقت ماڻهن جا هجوم نظر ايندا آهن. هو ماڻهن کي ٽرڪائڻ يا ساڻن نه ملڻ جا بهانا ڳولهڻ بجاءِ ڪجھ نه ڪجھ وقت هر ماڻهون لاءِ ڪڍي ڪري سندس مسئلو ٻڌي ان جو ڪونه ڪو حل ڪڍي ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا آهن. ماڻهن جي ڪمن ڪارين کي سرانجام ڏيارڻ ۾ جيڪڏهن ڪو مت جو موڙهيل ڪامورو رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته سٽجي ويندو آهي ۽ انهن جو انجام ڏسي ٻيا ڪامورا سندس ڪنهن به جائز ڪم ۾ اجائي رڪاوٽ وجھڻ جي گھٽ ڪوشش ڪندا آهن. وساڻ صاحب جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو پنهنجي تڪ ۾ اليڪشن دؤران ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي روڪائڻ جو فن به ڄاڻندا آهن، مختلف وقتن تي تمام وڏن ناليوارن سياستدانن پوليس، خانگي فورسن سان گڏ وڏي پيماني تي هٿيارن جي زور تي اليڪشن تي اثر اندازٿي کيس هارائڻ جا جتن ته تمام گھڻا ڪيا آهن پر ڪڏهن هڪ دفعي به کين ان طرح ڪاميابي حاصل ٿي نه سگھي آهي.
هن وقت سنڌ کي پڪن روڊن رستن جي تمام گھڻي سخت ضرورت آهي ته جيئن ماڻهون پنهنجو وهنوار پنهنجن شهرن کان سواءِ ٻين لاڳاپيل شهرن ۽ ڳوٺن تائين آساني سان ڪري سگھي. مان ڪجھ عرصي کان نوٽ پيو ڪريان ته نه صرف وڏن وڏن روڊن جڙڻ جي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي پر ان سان گڏ ننڍڙن ننڍڙن سنڌ جي ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن ڏانهن جڙندڙ پڪن روڊن کي ڏسي دل باغ وَ بهار ٿي ويندي آهي. سنڌ جا ماڻهون کانئس اها جائز اميد ٿا رکن ته هاڻي سنڌ جو ڪوبه ڳوٽ پڪي روڊ جي سهولت کان وانجھيل نه هوندو.
اسان جي نمائندن کي گھرجي ته اهي اڳتي اچن ڀلي ته اهو اسمبلي جو فلور هجي يا عام خلق جي آڳر کين اتي پهچڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌ جي گونان گون مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سٺي لفظن ۾ درج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، نه ته تاريخ هونئن ڏاڍي بي رحم ئي هوندي آهي.
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
ان سڄي پس منظر ۾ ڪٿ به اوهان کي پنهنجي عوامي سرڪار جو اولڙو به نظر نه آيو هوندو، اهي ڀلا اوهان جي معاملن ۾ ڪيئن ٿا مداخلت ڪري سگھن، جي سنڌ ۾ ماني ڇهن روپين ۾ ٿي ملي ۽ پنجاب ۾ ساڳي ٻن روپين ۾ هرڪو خريد ڪري سگھي ٿو ته ان ۾ ڀلا حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه انهن ته سنڌ جي ماڻهن کي اڳ ئي چانور کائڻ جي صلاح ڏيئي ڇڏي آهي، جي سنڌ جو جاهل ماڻهون سندن ڳالهه کي نه ٿو سمجھي سگھي ته ان ۾ سندن ڪهڙو قصور چئبو. ڌاڙيل ماڻهون ٿا اغوا ڪن ته ماڻهون انهن رستن تي وڃن ئي ڇوٿا؟ اهي پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ ويهي الله الله ڇونه ٿا ڪن، روزيءَ جو مالڪ ته منهنجو مولى آهي، اهو هر ڪنهن کي ڏيندو، ڀلا حضرت غالب ڪو چريو هيو جو پئسن ملڻ بعد ان وٺڻ بدران شراب وٺي گھر پهتو هيو ۽ گھر واريءَ جي ڪرڪڻ تي ٻڌايو هيائين ته ” مولى پاڻ روزيءَ جو ذمو کنيو آهي، شراب جو نه، مان شراب وٺي آيو آهيان، ماني اهو پاڻ ئي ڏيندو“ سنڌ جا ماڻهون به سندس پيروي ڪندي گھرن کان ئي نه نڪرن ته اغو ئي نه ٿين.
سنڌ جو وڏيرو سمجھي ٿو ته هي جيڪي هارين، ماسترن، ڪلرڪن، دڪاندارن جا ٽوٽ ٽوٽ ڇورا آهن جي اهي پڙهي پيا ته سندن پٽڪي ۾ داغ لڳي ويندا، عزتدار، خانداني ماڻهونءَ جي سڃاڻ ئي ختم ٿي ويندي، گڏهه گابو هڪ ٿي ويندو. جي ڪرڙ يا ڪانڊيري جو پٽ ڊي پي او ٿي پوي ته اها اسان جي وڏيري ۽ سردار لاءَ ٻڏڻ جو مقام ناهي ته ٻيو ڇاهي، سردار ڪهڙو نڪ کڻي پنهنجي تر يا راڄ ڀاڳ ۾ گهمي سگھندو. اهڙا ڪيئي مثال اسان جي سامهون آهن. جڏهن به ڪنهن غريب غربي جي اولاد ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪا چڱي جاءِ پنهنجي صلاحيتن آڌار تي هٿ ڪئي هوندي ته انهن ضرور ڪونه ڪو خلم ضرور ٻاريو هوندو. هڪ هاءِ اسڪول جو استاد جڏهن ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوءِ ڪمشنر ٿيو ته ان سکر ۾ پبلڪ اسڪول جهڙو ادارو کولي ڏيکاريو جنهن ۾ وڏيرڪي ٻارن سان گڏ غريب غربي جو ٻار به پڙهڻ لڳو، کيس اڃا آرام نه آيو ۽ هن وري انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن سکر ( آ بي اي سکر) جهڙو ادارو کولي ان کي بين الاقوامي معيار جي تعليم جي سطح تي کڻي ويو، هاڻي اسان جا مڙس ماڻهون سردار اهڙي بدبخت کي ڪيئن ٿا سهي سگھن، اهو ئي سبب هو ته انهن ان اداري تي هلان ڪرائي.
اسان جي هڪ ٻئي عوامي نمائندي وري سندس قائم ڪيل پبلڪ اسڪول کي هڪ اهڙي ٻي وفاقي اداري وٽ وڪڻڻ جي ڪوششن کان ڪين گھٽايو، ڀلو ٿئي زرداري صاحب جو ته کانئس اهو کاتو ئي واپس ورتو ويو ۽ ائين اسڪول به بچي ويو ته هو به سنڌي نوجوانن کي پرڏيهه موڪلڻ جي اڻانگي ڪم کان آجو ٿي ويو. دلچسپ خبر اها آهي ته جڏهن کان اها وزارت اسان جي سنڌ حڪومت جي اتحادي ڀائي لوگن کي ملي آهي ته پرڏيهه ۾ نوڪرين لاءَ ساڳي اداري جا ڌڙا ڌڙ اشتهار ڇپجي رهيا آهن. مان سوچيان ٿو ته جي اسان جي سائين کي اڃا تائين ساڳيو شعبو مليل هجي ها ته سندس ننڊون حرام هجن ها، ٿي سگھي ٿو ته سائينجن پنهنجو پاڻ کي ان جھنجھٽ مان ڪڍڻ لاءِ رضا خوشيءَ سان اهو کاتو ڇڏيو هجي.
ڪجھ وقت اڳ اسان جي گھريلو کاتي جي سپهه سالار سائين اتر سنڌ جي هڪ نامي گرامي ڏوهاريءَ کي پاڻ سان گڏ ويهاري پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، ان ڏوهن ڪرڻ کان توبهه تائب ٿيڻ بعد پنهنجو پاڻ گرفتاري ڏني هئي، اهڙي سندس نيڪ ڪم کي ميڊيا تي آڻڻ لازم هيو، سو اسان جي گھريلو وزير اهو بندوبست ڏاڍي سيبتي نموني ڪيو هو، ان سلسلي جي ٻي خبر اها آهي ته اهو دوست جنهن جي سر جي قيمت به سرڪار پاڻ رکي هئي، گرفتاري ڏيڻ بعد آزاد عدليه جي انصاف سان ضمانتون ڪرائي عزت سان ۽ وڏي آزادي ۽ ٺٺ ٺانگر سان گھمي رهيو آهي، حقيقت ۾ ڏوهارين سان اهڙي سلوڪ ڪرڻ سان ئي ڏوهه ختم ٿيندا آهن، هاڻي هو پاڻ ڏوهه نه ٿو ڪري سندس نالي ۾ الائي ته ڪٿان غنڊن جا لشڪر نڪري نروار ٿي پيا آهن جن هت رڻ ٻاري ڏنو آهي. سکر جي هڪ تمام وڏي تعليمي اداري جي پلاٽ تي ڏينهن ڏٺي جو اچي ويٺا آهن، ڪير آهي جو کين اهڙي ڪم کان روڪي، سو منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي ته ملڪ سڄو منصور بڻيو پيو آهي.
بس اندر ۾ هڪ آڳ تي ڀڙڪي ته سنڌ جي عظيم نياڻي ڇا ان لاءِ شهيد ٿي هئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سندس شهادت بعد جيڪو شديد رد عمل ڏيکاري سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو هو ته اهي اڃا جيئرا آهن، ته ڇا اهو سڀ ڪجھ ان لاءِ ڪيو ويو هيو. فيصلو اسان سڀني کي پاڻ ڪرڻو آهي ته ڇا ڪرڻ گھرجي، مان پنهنجي پاران ڪابه ڳالهه ڪنهن جي مٿان نه ٿو ٿاڦيان.
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
تون ايندين ضرور!
ڊاڪٽر آڪاش انصاري
هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجهامي ويا.
سمهي پيا ستارا، ٿي جهيڻا جهَڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
ساگر جي هن پار ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لهرن اندر،
هوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
ولهه ورڇي ڇڏيو پنهنجو سارو سُرور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اُڏامي،
ڪينجهر، ڪنڌي تي لهي پيو ٿڪي،
نڪو چنڊ چمڪو نه چَهڪي چڪور،
انهن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور.
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
Posted in Articles | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009
سوال:- شاعري ڇا آهي؟
جواب:- سوال ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ته ائين ٿيو جيئن ڪو درياءَ کان پڇي ته لهرون ڇا آهن؟ بهرحال، آئون سمجهان ٿو ته مختصر ۽ ٿورن لفظن ۾ تمام اعليٰ ۽ عظيم خيالن جي اعليٰ اظهار کي شاعري چئبو آهي. هڪ شاعر شاعري جي روپ ۾ پنهنجا خيال انتهائي اعليِٰ ترين انداز ۾ پيش ڪندو آهي. شاعر هر نئين پراڻي دؤر جا ترجمان هوندا آهن. شاعري اهڙي شيءَ آهي جيڪا هڪدم ماڻهوءَ جي روح ۾ لهي وڃي ٿي ۽ ان کانسواءِ شاعري تبديلي جو به نالو آهي.
سوال:- هڪ شاعر بهترين نثر به لکي سگهي ٿو، پر توهان شاعريءَ کي ئي ترجيح ڇو ڏني!؟
جواب:- ائين ڪونهي. مون نثر به لکيو آهي. خاص طور تي پوليٽيڪل اشوز تي نثر لکيو اٿم. باقي هڪ شاعر لاءِ دانشور هجڻ ضروري ناهي، ڀٽائي، سچل سرمست، سانوڻ فقير، بلهي شاهه يا ٻيا جيڪي وڏا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ جن لازوال شاعري ڪئي، اهي سڀ نثر نويس نه هئا. مون کي نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري سٺي لڳندي آهي. ڇو ته شاعري هڪ ديرپا، پراثر ۽ جٽادار شيءَ آهي. ان ڪري مون هميشه شاعري کي ئي ترجيح ڏني آهي.
سوال:- توهان جي شاعري ۾ توهان جي خيال ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي؟ جنهن هڪڙي طرف نه رڳو توهان کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو، پر گڏوگڏ توهان کي ٻئي طرف الڳ ۽ انفرادي سڃاڻپ به ڏياري؟
جواب:- منهنجي خيال ۾ انهيءَ سوال جو بهترين جواب منهنجا پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا. باقي مون کي خبر ناهي ته منهنجي شاعري جي ڪهڙي خوبي آهي. مون هميشه شاعري لاءِ عام ماڻهو ٿي سوچيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هر طبقي جو ماڻهو مون کي دل سان پڙهندو آهي.
سوال:- هڪ شاعر تي ڪهڙيون قومي ذميواريون عائد ٿين ٿيون؟ توهان انهن ذميوارين کي ڪيترو خوش اصلوبي سان نڀايو آهي؟
جواب:- آئون نه ٿو سمجهان ته شاعر تي رڳو قومي ذميواريون ئي عائد نه ٿيون ٿين. پر منهنجي خيال ۾ گڏوگڏ شاعر تي انسانيت جون ذميواريون به عائد ٿين ٿيون. جن کي لازمي طور تي هر شاعر کي نڀائڻ گهرجي. شاعر لاءِ اهو لازمي آهي ته هُو پنهنجي وطن سان سچو هجي، پر ان سان گڏ کيس سڄي انسانيت جو خيال هجي. فلسطين ۾، يورپ، عراق ۾، افغانستان ۾ يا دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ جيڪڏهن ڪا انسانيت جي خلاف ورزي ٿئي ٿي، ڪٿي به ڪو ظلم ٿئي ٿو، انياءُ ٿئي ٿو ته شاعر ان کي ضرور محسوس ڪري. باقي مون ته ڪڏهن به پاڻ کي هڪ جاءِ يا هڪ ملڪ تائين محدود ناهي رکيو. آئون ته هميشه پاڻ کي سڄي دنيا جو فرد سمجهندو آهيان ۽ سڄي دنيا جي انسانيت لاءِ ئي سوچيندو آهيان.
سوال:- توهان مٽي ۽ مٺي مان ڪنهن کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي؟
جواب:- ماڻهو ڪنهن خاص فريم ورڪ ۾ ته رهي ئي نه ٿو، سو منهنجي شاعري ۾ رڳو مٽي ۽ مٺي ناهي. منهنجي شاعري جا ٻيا به کوڙ پاسا آهن، ٻيون به الاهي شيون آهن. عالمگيريت، فطرت ۽ انسانيت جو عنصر به منهنجي شاعري ۾ موجود آهي. ايسٽ جي شاعري ويسٽ ۾ پڙهي ئي ڪانه ٿي وڃي. واشنگٽن يونيورسٽي ۾ مون جڏهن پنهنجي نظم ”يورپ ڪيڏو ننڍو آهي“ بابت ليڪچر ڏنو ته اهي ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ کين اهو سوچي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ايسٽ ۾ ڪو ماڻهو اسان لاءِ اهو به سوچين ٿا. بهرحال، مون کي پنهنجي شاعري جي باري ۾ ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. باقي منهنجي شاعري جي باري ۾ ذاتي راءِ هي آهي ته شاعري ماڻهن لاءِ هجي، شاعري ماڻهن سان هجي، ۽ شاعري هر حوالي سان ماڻهن سان ئي لاڳاپيل هجي.
سوال:- اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ مزاحمت ناهي رهي، ان جا توهان جي نظر ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب:- هن وقت اسان جي ادب ۾ خاص طور تي ڪهاڻي ۽ ناول ۾ اها Growthناهي، جيڪا هئڻ کپي. اسان جي ادب ۾ وسعت ناهي رهي، بلڪه اهو محدود ٿي ويو آهي. ان جو خاص ڪارڻ اهو آهي جو هتي مطالعي جو ڏڪار آهي، ان ڪري هن وقت ضرور ان ڳالهه جي آهي ته ڳوڙهو مطالعو ڪيو وڃي، عالمي شاعري ۽ عالمي ادب کي پڙهيو وڃي ۽ پوءِ عالمي ادب جهڙو ادب تخليق ڪيو وڃي. يقينن بهترين ادب کانسواءِ مزاحمت آهي ئي ڪونهي ۽ هتي اها به ڳالهه چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڳالهه رڳو ادب جي ئي ناهي، پر هتي هر شعبي ۾ اعليٰ سوچ ۽ اعليٰ ذهنن جي ضرورت آهي. ڇو ته اسان جي سياست ۽ ادب سميت هر شعبي ۾ سواءِ ڦوڪن جي ٻي ڪا ڳالهه ئي ناهي رهي. ڪنهن به شعبي ۾ محنت، جدوجهد، مشاهدو، مطالعو، ڳولا، جاکوڙ ۽ پرک رهي ئي ناهي سو اهڙي صورتحال ۾ ڀلا ڪهڙي ترقي جي هام هڻي سگهون ٿا!؟
سوال:- هڪ سٺي شاعر جو توهان جي ذهن ۾ ڪهڙو خاڪو آهي؟
جواب:- هڪ سٺي شاعر جو منهنجي ذهن ۾ ته ڪوبه خاڪو ناهي. هونئن به ڪنهن سٺي شاعر لاءِ ڪو خاص سانچو ناهي هوندو، جنهن ۾ هن کي گهڙيو وڃي. ها باقي هڪ سٺي شاعر لاءِ عالمگير سوچ هئڻ گهرجي، فطرت سان انس، انسانيت جو عشق، قومي غيرت، وسيع مطالعو ۽ مشاهدو سٺي شاعري ڪرائيندو آهي- ها، باقي ڪنهن شاعر تي الهامي جي ڇاپ هڻڻ، منهنجي خيال ۾ ان شاعر جي وڏي ۾ وڏي توهين آهي. ڇاڪاڻ ته الهامي هجڻ جو مطلب آهي ته ان شاعر جي ڪا ذاتي حيثيت ناهي. بلڪه ڪا لڪل سگهه آهي، جيڪا هن کان شاعري ڪرائي ٿي. تنهن ڪري ڪنهن به شاعر تي الهامي شاعر جي ڇاپ هڻي ان سان ويساهه گهاتي ۽ توهين وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.
سوال:- سنڌي ادبي سنگت جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم چئي ٿي وڃي، اها هن وقت توهان جي خيال ۾ پنهنجو حقيقي ڪم صحيح معنيٰ ۾ ڪري رهي آهي؟
جواب:- الائي ڪنهن اهو مفروضو ٺاهيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي. حقيقت ۾ ائين ڪونهي. توهان ڏسو، جنهن تنظيم جي ڪا آفيس ئي ڪانهي، سا ڀلا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم ڪيئن ٿي ٿي سگهي!؟ ماضي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سنڌ، ٻولي ۽ ادب لاءِ ڏاڍو سٺو ڪردار رهيو آهي، پر هاڻي ادبي سنگت پنهنجو معيار وڃائي ويٺي آهي. خاص ڪري ادبي سنگت ۾ جڏهن کان اديب گهٽ سياسي ورڪر گهڻا شامل ٿيا آهن، تڏهن کان ادبي سنگت تباهه آهي.
سوال:- هڪ اديب قلم ذريعي به پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار ۽ ڌرتي واسين جي خدمت ڪري سگهي ٿو، مگر توهان ادب کي ڇڏي سياست ۽ پوءِ سماجي دنيا يعني اين جي اوز جي طرف هليا آيا انهيءَ جا ڪي خاص ڪارڻ…….!؟
جواب:- نه ان جا ڪي خاص سبب ناهن. سياست کي زندگي جا 15 قيمتي سال ڏنا. پر جڏهن ڏٺوسين ته ڪو خاص فرق نه پيو ته گس ٿورو بدلايوسين. ائين ئي صحافت طرف هليو ويس ۽ سوال اخبار وڃي ڪڍيم ڇو ته اسان ماڻهن سان گڏجي رهڻ ضروري هو. مون هميشه اهوئي سوچيو آهي ته هميشه ماڻهن سان گڏ رهان. پوءِ اخبار بند ٿي وئي. جنهن کانپوءِ سماجي پليٽ فارم تان علائقي جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان. منهنجو اهو ايمان آهي ته سماجي تنظيمون ۽ اين جي اوز ماڻهن کي سڀ ڪجهه ته نه ٿيون ڏيئي سگهن، پر انهن ذريعي ايترو ضرور آهي ته اسان ماڻهن کي سماجي ۽ سياسي شعور ڏنو آهي ۽ ماڻهن کي منظم ڪيو آهي، جيڪي هاڻي آواز به اٿارين پيا.
سوال:- هڪ سماج سڌارڪ هئڻ جي ناتي اوهان جي خيال ۾ هن وقت سنڌ جون سماجي حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن؟
جواب:- پهرين ڳالهه اها ته آئون سماج سڌارڪ ناهيان. باقي جيڪا مون ۾ پهچ آهي، ان تحت پاڙي ۽ سنڌ جي خدمت ڪيان پيو. اسان جو هي سماج هڪ هيبتناڪ آڙاهه ۾ پيل آهي، سنڌ جو تاڃي پيٽو تباهه آهي. پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت نه ٿيڻ سبب بيروزگاري وڌي وئي آهي. تعليم تباهه ٿي چڪي آهي ۽ جيستائين ڪو سياسي گس نه ملندو تيستائين ڪجهه به ناهي. اڄڪلهه سنڌ دوزخ بڻيل آهي. اسان جا وسيلا اسان کان هليا ويا آهن، ڌاريا اسان تي قابض آهن. سو هاڻي اسان وٽ سواءِ جدوجهد جي ٻيو ڪوبه آپشن ناهي.
Posted in Poetry | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 30, 2009

Updated at: 0923 PST, Thursday, April 30, 2009

KARACHI: At least 23 people were killed and 22 others wounded as violence broke out in different parts of Karachi on Wednesday.
While enraged people torched several vehicles in various parts of the city.
Shops and markers started to close early as the violence spread from one place to other.
The process of unending firing erupted in North Karachi where two activists of Muttahida Qaumi Movement (MQM) were found shot dead. The police and rangers personnel, who reached the scene to calm down the situation, also caught up in the firing in which a Sub-inspector Moinur Rehman, Head Constable Sajjad and six others were injured.
In another incident, unknown persons set 10 vehicles ablaze in Bilal Colony while a 40-year-old Juma Khan was also gunned down.
In Sarjani Town and Shah Faisal Colony, unidentified gunmen shot dead two more persons, yet to be identified.
Security forces arrested 21 persons during a search operation launched in Khawaja Ajmir Nagri. Besides, more violence incidents were reported in Samanabad, Al-Asif Square and Hyderi.
Posted in News | Leave a Comment »
Posted by Uzair on April 28, 2009
سنڌ جي ترقي کي روڪڻ لاءِ مارشلائون هنيون ويون، پريس سينسرشپ لڳائي وئي، ڪوڙن ۽ ڦٽڪن جون مڪروهه سزائون ايجاد ڪيون ويون، سياسي بالادستي قائم رکڻ لاءِ مذهب کي استعمال ڪيو ويو، دهشتگرديءَ کي ايجاد ڪيو ويو، سادن سنڌي سٻاجهن کي نظرين جي ڄار ۾ ڦاسائي انهن سان اڪيچار ويساهه گهاتيون ڪيون ويون. تاريخ کي مسخ ڪيو ويو، لفظن جي جادوگريءَ جو ڪاروبار شروع ڪيو ويو ۽ سرڪاري مشينريءَ هميشه سنڌ کان اهڙا سوال پڇڻ جي وارتا ايجاد ڪئي، جنهن سان سنڌ جي ترقي، تهذيب ۽ تمدن جو ذري برابر به واسطو نه آهي. مسلسل مارشلائن ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۽ عظيم اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگس ذريعي سنڌ جي سمجهڻ جي سگهه کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جو شعور هر وقت ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڦٽي نڪتو ۽ ان دوکي کي چئلينج ڪندو رهيو. ڌارين جي يلغار هجي يا پنهنجن جي نااهلي سڀ پهلو هميشه ئي سنڌ جي ترقيءَ کان خائف رهيا، ڇو ته سنڌ جي ترقي اسان کي صوبي جي وسيلن تي مالڪي تسليم ڪرائيندي. سنڌ جو شعور متڀيد، چالاڪين، وسيلن تي قبضي کي نروار ڪندو، جنهن ڪري ئي هر ڪنڊ ۽ هر طرف کان سنڌ جو گهيرو آهي.
پنجاب جو وڏو وزير چوي ٿو ته، هي نظام عدل ريگيوليشن ملڪ جي ٻين حصن ۾ به لاڳو ٿيندو، ڇو ته ان سان هن جي صوبي کي ترقي لاءِ ساڳا فنڊ ۽ ساڳيون سهولتون سنڌ جي قيمت تي ملنديون رهنديون. ”اصل قوتن“ پاران دراصل مذهب جي استعمال جو مقصد ڦرلٽ کي جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري رکڻ آهي. سنڌ ۾ مسلسل ڊڪٽيٽرشپ کان پوءِ جڏهن به لولي لنگڙي جمهوريت ٿورا به پر ساهيا آهن ته ان مان سنڌ کي ڪو به ادارتي ترقياتي فائدو نه مليو آهي، پر اها ترقي به چند ماڻهن ۽ خاندانن توڙي طبقن جي نالي ۾ مجموعي سنڌ کان پري رکي وئي آهي. اسين هتي جبري وفاقي ڍانچي کي پري رکي اڄ سنڌ سرڪار پاران بند پيل ترقي کي بحث هيٺ آڻينداسين.
سنڌ سرڪار ۽ ان جي بجيٽ:
گذريل جون ۾ سنڌ سرڪار 270–ارب رپين جي بجيٽ جو اعلان ڪيو، جنهن مان 70–ارب رپين جو ترقياتي پروگرام هو. 70–ارب رپين جي ترقياتي پروگرام کي سنڌ ۾ نظر اچڻ گهرجي ها، پر ايئن نه ٿي سگهيو، ڇو ته سرڪارهلندڙ سال وڏي عقل وارو فيصلو اهو ڪيو ته جاري ٿيل ترقياتي رقم مان 80 سيڪڙو رقم هلندڙ اسڪيمن ۽ 20 سيڪڙو نين اسڪيمن لاءِ جاري ڪئي ويندي! هاڻي هلندڙ اسڪيمون ته جنرل مشرف دور جون هيون، جن مان 80 سيڪڙو ڪراچي ۾ ئي هيون، جتي مسلسل ترقي جا اعلان ۽ اربين رپين جا پئڪيج اعلان ٿيندا رهيا آهن. هاڻي ساري سنڌ جي بجيٽ وري به انهن مشرف دور جي اسڪيمن تي نذر ٿيندي رهي ۽ 70 ستر ارب رپين مان اندرون سنڌ جي ضلعن ۾ ڪا به خاص ترقياتي سرگرمي ڏسڻ ۾ نه آئي. يعني گذريل 8 سال مشرف دور ۾ جتي ڪراچي جي ڪجهه علائقن کانسواءِ سموري سنڌ کي محروم رکيو ويو، سنڌ جي لاءِ اهو سلسلو هاڻي به جاري رهيو. سرڪار جو ترقيات ۽ پلاننگ وارو کاتو اندرون سنڌ لاءِ ڪا به وڏي اسڪيم ڏيکارڻ يا ٺاهڻ کان لاچار رهيو. هي ستر ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟ ان جو پتو ته ڪابينا کي به نه پيو. چوندا آهن نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو آهي!
صدر جو ڪراچي جو دورو:
اڳوڻي روايت کي جاري رکندي وري به صدر پنهنجي دوري دوران ڪراچي لاءِ کربين رپين جي اسڪيمن جو اعلان ڪيو، جن مان خود سنڌ سرڪار کي دربدر ڪيو ويو. جهڙوڪ ٽرانسپورٽ نج صوبائي کاتو آهي، پر اربين رپين جي بسن جو انتظام سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ حوالي ڪيو ويو. اهڙي طرح ڪراچي ماس ٽرانزٽ لاءِ به سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کي ذميواري ڏني. ڪراچي جي ترقيءَ تي اسان جون اکيون ٿڌيون، پر صدر جي دوري دوران اندرونِ سنڌ لاءِ هڪ به ميگا اسڪيم جلد شروع ٿي نه سگهندي ۽ اڳ هلندڙ اسڪيمن تي ئي زور ڏنو ويو. جهڙوڪ ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي. ان لاءِ نه ته فنڊس آهن ۽ نه ان جي وفاقي سرڪار منظوري ڏني آهي. اهڙي طرح ميرپورخاص روڊ لاءِ به اهڙو ئي پلان آهي. ٿرڪول جي ترقي ۾ ته اڳ ئي وفاقي سرڪار کي مينڊيٽ ملي چڪو آهي ۽ اها ٿر جي جيڪا ترقي ڪندي، اها اسان ڏسنداسين. اهڙي طرح گذريل ڪيترن سالن کان صرف لاڙڪاڻو-خيرپور پل ئي سنڌو درياهه تي اڃا ٺهي نه سگهي آهي، ٻيا ترقياتي منصوبا ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن.
سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ ترقي:
جيئن ته اندرونِ سنڌ ۾ وڏي صنعتڪاري نه آهي ۽ ماڻهن جو گذر سفر زراعت ۽ سرڪاري شعبي سان وابسطه آهي، ان ڪري اهي پ پ سرڪار مان هميشه اها اميد رکندا آهن ته اها نه صرف سرڪاري شعبي ۾ سنڌي عوام کي وفاقي ۽ صوبائي سرڪار ۾ نوڪريون فراهم ڪندي، پر ترقياتي سرگرمين کي اڳتي وڌائي روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي. پر گذريل سال کان وٺي سنڌ ڪابينا سنڌ جي اندرين علائقن لاءِ ڪو به هڪڙو وڏو ترقياتي منصوبو جوڙي نه سگهي، توڙي جو هنن جي ترقياتي بجيٽ هن سال جي بجيٽ ۾ ستر ارب رپيا هئي. گذريل سال جي تجربي آڌار ٻڌائي سگهجي ٿو ته هن سال جي بجيٽ ۾ به سنڌ جي عوام سان اهڙي جٺ ڪئي ويندي، ڇو ته 80 سيڪڙو پئسا پراڻين مشرف سرڪار جي اسڪيمن تي خرچ ٿيندا. اهڙي طرح سان سنڌ ترقياتي طور تي مڪمل پوئتي ويندي ۽ پوءِ عذر پيش ڪيو ويندو ته بجيٽ ۾ پئسا نه آهن. سنڌ ۾ بيروزگاري جي حالت اها آهي جو هر گهر ۽ خاندان ۾ 5 يا ڇهه ماڻهو بيروزگار ويٺا آهن. غربت ايتري آهي جو ماڻهن کي ڪفن جا پئسا نه آهن ۽ هيڏانهن وري ڪابينا ۽ بيوروڪريسي کي سنڌ جي عوام تي ڪو به ترس نٿو اچي، اهو ئي سبب آهي، جو اهي آمريت جي پاليسين کي برقرار رکيو اچن. نه ته ترقياتي عمل ۾ سندن دلچسپي آهي ۽ نه وري وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ بنا متڀيد ۽ اقربا پروري جي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهي ڪا دلچسپي رکن ٿا. سنڌ جي زراعت ته پاڻي جي کوٽ، پاڻي جي اڻاٺ ۽ ٻج جي مهانگائي ڪري هونئن به تباهه آهي، رهندو آيل سرڪار پنهنجي پاليسين جيڪي شعوري نه به هجن، غير شعور تي ٻڌل ضرور آهن، کي پروان چڙهائي سنڌي عوام کي غريب کان غريب تر ملڪن جي عوام جهڙين حالتن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. صوبي ۾سروسز جهڙوڪ تعليم، صحت، زراعت، روينيو، پوليس، شهرن ۾ صاف پاڻي، ڳوٺن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، عورتن جي ترقي ۽ افرا اسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه حال آهن. رشوت، اقربا پروري، بدانتظامي چوٽ چڙهيل آهن. پر وري به ان حالت مان سنڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪابينا ۽ بيوروڪريسي ۾ ڪو به تحرڪ نظر نه پيو اچي. يعني جڏهن ڪو ماڻهو يا ته پريس ڪلب آڏو خود سوزي ڪري راهه رباني وٺي ته سرڪاري وزير پهچن يا وري ڪو وڏو حادثو ٿئي ته پوءِ ان لاءِ لک رپئي جو اعلان ڪن. ادارتي ترقي، سماجي انصاف، روزگار، صنعت، انفرا اسٽرڪچر وغيره کي پنهنجو پاڻ سنڌ ۾ چوٽ چاڙهڻ لاءِ شايد سنڌ ڪابينا ۽ بيوروڪريسي ذميواري محسوس نه پئي ڪري.
وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ قرض:
هوڏانهن وري سنڌ جي ترقي جي نالي تي ورلڊ بئنڪ، يورپين، يونين توڙي ڪيترن ادارن کان قرض کڻي سنڌ کي وڏي پيماني تي مقروض ڪيو پيو وڃي. ڪراچي جا ميگا پراجيڪٽ هجن يا تعليم لاءِ ورلڊ بينڪ جا پروگرام، جيڪڏهن گرائونڊ تي ڪجهه به نه آهي ته يقينن اهي پيسا به سنڌ جي عوام ۽ سندن وسيلن مان اوڳاڙيا ويندا. جنهن جو عذاب مستقبل ۾ به سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوندو، ڇو ته ترقي اها نه آهي، جنهن جو راڳ آلاپجي پر ترقي ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. گذريل سال دوران اسان کي ڪا به ترقي مشرف دور جي اٺن سالن وانگر ڏسڻ ۾ ئي نه آئي آهي. جهڙي طرح وفاقي سرڪار پنهنجي پلاننگ ڪميشن ۽ اڪنامڪ ڪائونسل ذريعي سڀ ميگا پراجيڪٽ صرف مخصوص علائقن لاءِ ئي ٺاهيندي آهي، اهڙي طرح هاڻي سنڌ سرڪار وٽ به پنهنجا پئسا رڳو وڃائڻ جو فن آهي. سنڌ جو ترقياتي عمل نه رڳو متڀيد تي ٻڌل آهي، پر بي پناهه ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري لاهور کان پنڊي، پنڊي کان پشاور توڙي لاهور کان فيصل آباد جا موٽر وي ته ڪڏهن جو تعمير ٿي ويا آهن، پر جتي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ٽرانسپورٽ هلي ٿي، يعني سپر هاءِ وي توڙي حيدرآباد کان سکر ۽ لاڙڪاڻي هاءِ وي اهو سدائين مرمت هيٺ آهي، توڙي جو سپر هاءِ وي کي موٽر وي ڪرڻ جو واعدو نواز سرڪار آڪٽراءِ کي ختم ڪرڻ وقت ڪيو هو.
سنڌ جا شهر ۽ تعلقا هيڊ ڪوارٽر:
اڄ سنڌ جا سمورا شهر جهڙوڪ دادو، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ملير، لياري، هالا کان جيڪب آباد ۽ بدين ۽ ٺٽي تائين غربت ۽ بيروزگاري جو اعليٰ مثال پيش ڪن ٿا، جن کي ٻيهر سنوارڻ (Rehabilitate) ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پر ان لاءِ ڪا به پلاننگ نه آهي. سرڪار کي گهرجي ته هر ضلعي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هن سال بجيٽ ۾ ڏهه ارب رپين جو اعلان ڪري ته جيئن شهرن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ Civic life ۽ سماجي سرگرميءَ کي جياري سگهجي. لاڙڪاڻي لاءِ به جيڪي ڏهه ارب رپيا اعلان ڪيا ويا آهن، اهي به قسطن ۾ آهن. سانگهڙ لاءِ ته شروع کان ڪو پيڪيج اعلان نه ٿيو آهي. ان ڪري سنڌ ڪابينا کي هن بجيٽ ۾ بجاءِ 80 سيڪڙو بجيٽ ڪراچي جي پراڻين اسڪيمن تي خرچ ڪرڻ جي 80 سيڪڙو رقم نين اسڪيمن ۽ 20 سيڪڙو پراڻين اسڪيمن تي رکڻ گهرجي ۽ روزگار تي پنهنجو ماڻهو کڻڻ لاءِ جيڪي تالا لڳايا ويا آهن، اهي به کولڻ گهرجن.
ڪراچي ۽ ٻيا شهر:
جيئن ته ڪراچيءَ ۾ روزگار لاءِ خانگي سيڪٽر وڏي پيماني تي موجود آهي، ان ڪري جيڪڏهن پبلڪ (سرڪاري) سيڪٽر کي به رڳو اوڏانهن موڪليو ويو ته پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن جو ڇا ٿيندو؟ عوام بي روزگاري ۾ خودڪشيون ڪري رهيو آهي، پر انهن کي پڇڻ وارو ڪو به نه آهي. هينئر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪاري شعبي کي ترقي لاءِ اندرون سنڌ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن ترقي ۾ پيدا ٿيل متڀيد ختم ٿئي، پر الائي به ايئن ڇو نٿو ٿئي، شايد سرڪار پاڻ کي عوام ڏانهن جوابده سمجهي ئي نٿي. هنن کي ووٽ مفت ۾ مليو وڃي، پوءِ هو عوام جي پرواهه ڇو ڪن؟ هينئر به جيڪڏهن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪري خانگي شعبي کي اندرونِ سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا موقعا ڏجن ته ترقي ٿي سگهي ٿي. هر ضلعي ۾ هڪ بهترين سماجي ۽ معاشي زندگي جي اوسر ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ان لاءِ بدين ۽ ٺٽو ته ڪراچي کان ويجهي پنڌ تي آهن.
سنڌ جو مينڊيٽ:
سنڌي عوام جيئن ته پنهنجو مينڊيٽ پنهنجي سياسي ذهانت ۽ تجربي، گڏيل ڏاهپ هيٺ سيڪيولر قوتن کي ئي ڏيندو رهيو آهي، شايد ان ڪري ئي هو حقيقي حڪمران قوتن جي پاليسين جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. پر هاڻي جڏهن صوبي توڙي وفاق ۾ سرڪار سنڌي عوام جي لازوال قربانين هيٺ وجود ۾ آئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سرڪار گذريل سالن ۽ ڏهاڪن جي ترقياتي متڀيد کي ته ختم ڪري. جيڪڏهن ان کي به ختم ڪرڻ کان سرڪار لاچار آهي ته يقينن سنڌ جو مينڊيٽ ايندڙ وقت ۾ ساڳيو نه رهندو ۽ پوءِ اهو متڀيد ختم ڪرڻ لاءِ نئين سر جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ جي مينڊيٽ کي بدانتظامي، ڪرپشن ۽ اقربا پروري لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ڇو ته هن سرڪار کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو هو، پر وزير اعظم کي به سنڌ ۾ آڻي صوبائي کاتن جي اسڪيمن جهڙوڪ پن بجلي جو افتتاح ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي آڙ ۾ ٺٽي ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي پئي وڃي. جنهن ڪري ئي وزيراعظم جي آمد تي جهمپير شهر نه رڳو بند رهيو، پر ان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ترقي جي نالي تي ماڻهن کان ماڳ ۽ زمينون کسي ڌارين ڪمپنين حوالي ڪيون پيون وڃن ۽ پن بجلي جو منافعو سنڌ کي نه، پر وفاقي سرڪار حوالي ڪيو پيو وڃي. ڇو ته ڪمپنيون پن بجلي پيدا ڪري حيسڪو کي ڏينديون ۽ منافعو واپڊا کي ملندو، توڙي جو بجلي 1935ع کان وٺي آئين موجب صوبائي کاتو آهي. هن قهر تي ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏين دانهڙي؟
هن سرڪار سنڌين لاءِ صرف هاڻي هڪ گس ڇڏيو آهي ته هو 27 ڊسمبر جو انتظار ڪري ڳڙهي خدا بخش ۾ پنهنجي قسمت جا لڙڪ لاڙين ۽ پنهنجي عظيم رهبر کي سندس پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي ميار جي ڀيٽا پيش ڪن.
Posted in Articles | Leave a Comment »